بدين. (رپورٽر)  اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي کاتي پاران بوائيز ھاء اسڪول بدين جي ھال ۾ « پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ » جي عنوان سان سيمينار ڪيو ويو.سيمينار کي خطاب ڪندي ڊي اي او پرائمري محمد صالح ڪوريجو چيو ته استاد جي سچائي ۽ دلي شوق سان تعليم کي بھتر ڪري سگھجي ٿو ،۽ ھن وقت سنڌ سرڪار بھتر قدم کڻندي تعليمي سڌارا آندا آھن ، ان جي باوجود بدين ضلعي جي 18 لک آدمشماري ھوندي اسڪولن ۾ اڍائي لک ٻار داخل آھن آبادي جي حساب سان گھٽ ۾ گھٽ 4 لک ٻار پرائمري ۽ سيڪنڊري ۾ داخل ھئڻ گھرجن ،پر والدين جي دلچسپي ، غربت ۽ اسڪولن ۾ سھولت جي کوٽ سبب ڏيڍ لک ٻار اسڪول کان ٻاھر آھن، تعليمي ماھر ۽ رٽائرڊ پرائمري ماستر خادم ٽالپر چيو ته ماڻھو. غربت ۽ تعليمي ماحول نه ھئڻ سبب ٻار داخل نه ٿا ڪرائين جيڪڏنھن ٻار داخل ٿين ٿا مئٽرڪ تائين ٽي حصا ٻارن جا اسڪول نڪري وڃن ٿا ،ان جا مک سبب والدين جي غربت ، ناسمجھي ۽ سرڪار پاران اسڪول ۾ سھولتون مھيا نه ڪرڻ آھن رٽائرڊ پرنسيپال ڊاڪٽر محمد اسمائيل ميمڻ چيو ته والدين جي غربت تحت سنڌ حڪومت اسڪولي ٻارن کي اسڪالر ڏيڻ سان گڏ منجھند جو کاڌو کارائي ۽ اسڪولن ۾ ھر سھولت ڏيئي اسڪول جو خوبصورت ماحول مھيا ڪري.