جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي خانگي وڪٽر پبلڪ اسڪول جي پرنسپال برونر نيوٽن ٽوني اٺين ڪلاس جي شاگرد نور علي ڀٽي کي مبينا طور لوهي سيخن سان وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، تشدد سبب نينگر جي نازڪ هنڌ سميت جسم جي مختلف هنڌن تي تشدد جا نشان ٺهي ويا، جڏهن ته شاگرد ذهني طور پريشان ٿي ويو آهي، شاگرد جي وارثن سول لائن ٿاڻي تي پهچي پرنسپال خلاف اين سي داخل ڪرائي.  ان سلسلي ۾ شاگرد جي وارثن جو چوڻ آهي ته پرنسپال ذهني مريض آهي، ان ڪيترائي ڀيرا اڳ به شاگردن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ڪالهه منهنجي ڀاڻيجي کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ان جي جسم تي نشان ٺهي ويا آهن هن مطالبو ڪيو ته پرنسپال جي اسڪول جو رجسٽريشن معطل ڪري سندس خلاف ڪيس داخل فوري گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان کي انصاف ڏنو وڃي ان سلسلي ۾ پرنسپال برونر نيوٽن ٽوني رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شاگرد ڪلاس ۾ حرڪت ڪري رهيو هو ان کي سزا طور اسڪول جي احاطي ۾ بيهاريو  باقي شاگرد ته ڪابه تشدد ناهي ڪيو، شاگرد جي جسم تي تشدد جا نشان واضح آهن؟ جي جواب ۾ هن چيو ته وارثن پاران اهي نشان ٺاهيا ويا هوندا مون شاگرد تي تشدد ناهي ڪيو سي سي ٽي وي ڪيمرا رڪارڊ م سڀ ڪجهه واضح آهي.