حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي فرحين مغل چيو آهي ته ملڪ جي معاشي صورتحال جو ذميوار عمران نيازي آهي جنهن عوام کي هيستائين ڪوڙ ڳالھائڻ کانسواءِ ڪجهه به ناھي ڏنو. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ملڪ کي نه بچائين ها ته ملڪ ڏيوالو ٿي وڃي ها. هن چيو ته پ پ جمهوري پارٽي آهي جنهن سدائين عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. پ پ جي سنڌ حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون پئي ڪري ۽ رمضان شريف جي ڀلاري مهيني جي آمد کان اڳ ئي سستيون بچت بازارون لڳايون وينديون ته جئين عوام کي رليف فراهم ٿي سگهي.