ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليمي ادارن جي ابتر حالت بابت داخل درخواست تي تعليم واري سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري پاران رپورٽ جمع، عدالت آن لائين حاضري بابت رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائپ رپورٽ طلب ڪري ورتي،  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تعليم کاتي پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته استادن جي آن لائين حاضري لاءِ ستن ضلعن ۾ موبائل ايپ شروع ڪئي وئي آهي، هن وقت تائين 32,590 مان 21,776 استادن کي آن لائين حاضري جي تربيت ڏني وئي آهي، جڏهن ته ٻارڙن جي آن لائين حاضري وارو پائلٽ پراجيڪٽ قمبر ضلعي کان شروع ڪيو ويندو، گذريل ٻڌڻي تي 5066 بند پيل اسڪول کولڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي هئي، وڌيڪ اڳڀرائپ رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪئي ويندي، ڊيوٽي کان غير حاضر رهندڙ 56 استادن خلاف سخت ۽ 157 استادن خلاف معمولي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، هن وقت تائين 2 لک 64 هزار 442 نوان ٻار داخل ٿيا آهن، عدالت آن لائين حاضري بابت رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 6 مارچ تي 16324 استاد غير حاضر رهيا، جڏهن ته رڪارڊ موجب 6 مارچ تي هڪ به استاد موڪل تي نه هو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائپ رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.