ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي ورسٽي ۾ هولي واري ڏڻ تي هڪ شاگرد تنظيم پاران شاگردن تي تشددڪرڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ 3 رڪني فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي قائم، ڪاميٽي ٻن هفتن اندر جاچ ڪري سفارشون وائيس چانسلر کي جمع ڪرائيندي، ان ڏس ۾ ڪراچي ورسٽي ۾ 7 مارچ تي هولي واري ڏهاڙي تي شاگردن تي تشدد ڪرڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ 3 رڪني فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، لا فيڪلٽي جي ڊين جسٽس (ر) حسن فيروز جي سربراهي واري ڪاميٽي ۾ خاتون ايم پي اي سعديه جاويد ۽ ڪمپيوٽر سائنس شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر مڪيش ڪمار کي شامل ڪيو ويو آهي نوٽيفڪيشن موجب ڪاميٽي ٻن هفتن اندر جاچ ڪري سفارشون وائيس چانسلر کي جمع ڪرائيندي،