اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي شاهراهه دستور تي تعمير ٿيل گهڻ ماڙ عمارت جي مالڪن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ، عمارت کي فوري خالي ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، پي اي سي  اسٽيٽ  بئنڪ کي ان عمارت جي مالڪن جا اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس نور عالم خان جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس دوران پي اي سي چيئرمين سي ڊي اي چيئرمين کان دريافت ڪيو ته ڇا سپريم ڪورٽ عمارت جي پلان کي تبديل ڪري سگهي ٿي؟ ڇا اڳوڻي چيف جسٽس کي اهو اختيار هيو ته شاهراهه دستور تي ٺهيل عمارت کي 18 ارب جمع ڪرائڻ تي چوي ته ان کي ريگيولرائيز ڪيو ويندو؟ سي ڊي اي جي ميمبر اسٽيٽ چيو ته 2016 ۾ ليز رد ڪئي وئي هئي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ليز بحال ڪئي وئي. پي اي سي عمارت جي مالڪ جي مني ٽريل ۽ٽيڪس گوشوارن جو جائزو وٺڻ، ان گهڻ ماڙ عمارت جي الاٽمينٽ جو ڪيس نيب کي ٻيهر کولڻ جي به هدايت ڪئي.