اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي آهي ته اسان جي ڪري پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان نڪري ويو  آهي، قوم کي مبارڪون هجن، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ دور جي رپورٽ تي ايف اي ٽي ايف پاڪستان جي ايڪشن پلان کي مڪمل قرار ڏنو، اسان 34 اسمن مان 32 اسمن تي ايڪشن پلان کي مڪمل ڪيو، اسان جي حڪومت اپريل ۾ باقي ٻن اسمن کي به پورو ڪرڻ جي رپورٽ پيش ڪئي، ، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو  ته پاڪستان کي فيبروري 2018ع ۾ ايف اي ٽي ايف پاران گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، اقتدار سنڀاليو ته ايف اي ٽي ايف پاران بليڪ لسٽ ڪرڻ جا شديد امڪان سامهون هئا، مون حماد اظهر جي سربراهي ۾ ايف اي ٽي ايف ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي قائم ڪئي هئي، سمورن سرڪاري ادارن، ايجنسين جي ان ۾ نمائندگي هئي، ملڪ کي بليڪ لسٽ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سمورن ڏينهن رات ڪم ڪيو، هن چيو ته مون کي يقين آهي ته اسان جي ايڪشن پلان تي مڪمل ڪرڻ  جي تصديق لاءِ ايف اي ٽي ايف جو دورو به ڪاميابي سان گذري ويندو، مون کي حماد اظهر جي سربراهي ۾ قائم ٿيل ڪاميٽي جي ڪارڪردگي تي فخر آهي.  شهباز گِل چيو ته پاڪستان جي معاشي حالت خراب آهي پر خوشخبريون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) مان نڪرڻ لاءِ پاڪستانين کي ڏُکيا فيصلا ڪرڻا پيا، عمران خان ٽيم تيار ڪري حماد اظهر کي قيادت ڏني، سٺي خبر جو ڪريڊٽ عمران خان ۽ پاڪستان جي عوام ڏانهن وڃي ٿو. اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي قوم کي گري لسٽ مان نڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته اسان جي حڪومت جي ڪوششن سان اها ڪاميابي ملي آهي، ان ۾ فوج سميت سمورن ادارن جو سهڪار شامل آهي.