راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تي عملدرآمد وڏي ڪاميابي آهي، جي ايچ ڪيو ۾ قائم ڪور سيل ۽ قومي ڪوششن سان اهو ممڪن ٿيو، ڪور سيل سول ملٽري ڪوششن ذريعي ايڪشن پلان تي عملدرآمد يقيني بڻايو، ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف چيو آهي ته ڪور سيل جي ڪوششن سان پاڪستان جو فخر وچان ڳاٽ اوچو ٿيو، سول ملٽري ٽيم ايڪشن پلان تي محفوظ عمل يقيني بڻايو، فيٽف ۽ سي ايف ٽي ايڪشن پلان تي عمل مڪمل ٿيڻ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي، ايڪشن پلان تي عمل سان پاڪستان جي وائيٽ لسٽ جي راهه هموار ٿي.