اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت جي موجودا حڪومت هندوتوا ايجنڊا تي سرگرم  آهي. هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جيو پوليٽيڪل اثرن سبب سڌو سنئون متاثر ٿي رهي آهي، اسان کي قوم طور پاڪستان کي بهتر پوزيشن ۾ آڻڻو آهي. هن چيو ته ڀارت جي موجودا حڪومت هندوتوا ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، اسلامو فوبيا ۽ بي جي پي ليڊرن جي تازن ريمارڪس سبب سنگين ماحول پيدا ٿي رهيو آهي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط واپاري لاڳاپا هجن ها ته شايد ٻئي ملڪ انتهائي قدم نه کڻن ها. هن وڌيڪ چيو ته هاڻوڪي حڪومت کي مسئلا اڳوڻي حڪومت وٽان مليا آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.