ڪراچي: ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ووٽرن جو ٽرن آئوٽ تمام گهٽ رهيو، حيدرآباد ۽ ڪراچي کٽي ويا، ڌانڌلي هارائي وئي، اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ جماعتن پنهنجا سياسي مفاد بچائڻ چاهيا پر کين شڪست ٿي آهي . ڪراچي جي نئين ميئر ۽ ڪائونسلن کي عوام قبول نه ڪندو، سندن ڪا اخلاقي حيثيت ناهي، ڪراچي واسي حوصلو رکن، اسان سندن وارث ويٺل آهيون،  ڪالهه ايم ڪيو ايم مرڪز بهادر آباد تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته شهري سنڌ جي عوام اليڪشن کسڻ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ايم ڪيو ايم اليڪشني سياست توڙي ايوانن جي محتاج ناهي،  اسين عوام جي دل ۾ آهيون، اسان 1997ع ۾ به بائڪاٽ ڪيو هو، 2001ع ۾ جماعت اسلامي وٽ موقعو هو ته شهر لاءِ ڪجهه ڪري ها، جماعت اسلامي ڪراچي وارن جي رد ڪيل جماعت آهي، جڏهن ته 2005ع ۾ لاهور جي ميئر کي به ڪراچي جي ميئر جو مثال ڏيڻو پوندو هو، ڪراچي واسي حوصلو رکن، ايم ڪيو ايم نمائندگي ڪندي رهندي،  هاڻي ايم ڪيو ايم حڪومتون ڊاهڻ ۽ هلائڻ وارو ٺيڪو واپس وٺي رهي آهي، ڪراچي ۾ 73 يونين ڪائونسلون گهٽ ٺاهيون ويون آهن، جيڪا ڳالهه  پيپلزپارٽي به تسليم ڪئي آهي ته  53 يوسيز وڌيڪ ٺهڻ گهرجن ها، اليڪشن ڪميشن اهو ڄاڻيندي به انصاف نه ڪيو، اسين اصول هارائي اليڪشن کٽڻ نه ٿا چاهيون، مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسانجو بائيڪاٽ اجارا داري لاءِ نه پر حقن لاءِ  هو، آرٽيڪل اي 10 کانپوءِ اليڪشن ڪميشن وٽ صوبائي حڪومت جو فيصلو نه مڃڻ جو ڪو اختيار ئي ناهي، هنن چيو ته مهينن کانپوءِ پيپلزپارٽي اسان جا دليل مڃيندي، پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ، ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اليڪشن کان اڳ ڌانڌلي ڪئي وئي، ڪراچي مان اڄ جيڪو به اليڪشن کٽيندو، اهو ايم ڪيو ايم جي ڏنل خيرات مان کٽيندو، مڪاني اختيارن کانسواءِ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ هن شهر سان ناانصافي آهي، اليڪشن ڪميشن غير منصفانه طرز عمل اختيار ڪيو آهي.هن چيو ته ڪراچي سڀني جوآهي، انهي کي دبئي نه سمجهيو وڃي،    هوڏانهن  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي اليڪشن جي بائيڪاٽ بعد جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته  ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام شهري سنڌ تي قبضي جو منصوبو ناڪام بڻايو آهي، اڄ عوامي خاموش ريفرنڊم آهي، عوام ايم ڪيو ايم جي حق ۾ گهرن ۾ ويهي جعلي اليڪشن جو پول پڌرو ڪيو آهي، عوام غاصب ماڻهن کي ناڪام ڪيو آهي اسين جعلي تڪ بندين ۽ ناقص ووٽر لسٽن خلاف گذريل 6 مهينن کان هر دروازي تي وياسينپر ڪٿان به دردن جو درمان نه ٿيو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان چيو آهي ته سندن جماعت پاران چونڊن جي بائيڪاٽ سبب ٽرن آئوٽ تمام گهٽ رهيو، ان ڪري بلدياتي چونڊون رد ڪيون وڃن. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪاميٽي جي ميمبر سيد سهيل مشهدي، ايم ڪيو ايم حيدرآباد جي ظفر احمد صديقي، ايم اين اي انجنيئر صابر قائمخاني، نديم اختر صديقي ۽ ٻين چيو ته حيدرآباد، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين ضلعن ۾ ماڻهن ايم ڪيو ايم جي اپيل تي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو. اسان ڪڏهن به سيٽن ۽ عهدن جي پٺيان نه ڊوڙيا آهيون پر پنهنجي شهر ۽ علائقن ۾ عوام جي خدمت ڪئي آهي. هنن چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ خاص ۽ منظم انداز سان ڌانڌلي ڪئي وئي آهي. اسان کي ايڊجسٽمينٽ جو چيو ويو پر اسان ڪا به ايڊجسٽ نه ڪئي. هنن چيو ته شهري ۽ ٻهراڙي سنڌ جي ماڻهن ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي اپيل تي اليڪشن کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ بائيڪاٽ جي اعلان تي لبيڪ چيو. اسان حيدرآباد جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.  ايم ڪيو ايم اڳواڻن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته هو ٽرن آئوٽ کي نظر ۾ رکي چونڊن جي نتيجن بابت فيصلو ڪري.