ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن دوران جھيڙا، پ پ اميدوار سميت 3 ڄڻا زخمي، پرزائيڊنگ آفيسر کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش،  پي ٽي آءِ جا 2 ايم پي اي گرفتار،  پوليس ۽ آزاد ذريعن موجب گلشن معمار جي بلاڪ ڊي ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جھيڙو ٿيو، انهي دوران يوسي چيئرمين جي نامزد اميدوار حلال سعيد تي تشدد ڪيو ويو، پوليس پهچي حلال سعيد کي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ايم پي اي رابستان خان کي حراست ۾ ورتو ويو. حلال سعيد الزام هنيو ته آئون ساٿين سان گڏ پولنگ جي دوري تي پهتس ته رابستان خان ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن حملو ڪيو، دوستن جو مٿو ڦاٽي پيو، مون تي به تشدد ڪيو ويو، پوليس جي روڪڻ باوجود اسان تي تشدد ڪيو ويو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ ايم پي اي رابستان خان الزام هنيو ته پ پ وارن اسان تي حملو ڪيو، منهنجا ڪپڙا به ڦاٽي پيا. پوليس موجب اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو  ۽ معاملي کي افهام تفهيم سان حل ڪرايو، ٻئي طرف چنيسر ڳوٺ جي يوسي 8 ۾ واقع گورنمينٽ بوائز اينڊ گرلز سيڪنڊري هاءِ اسڪول ۾ قائم پولنگ اسٽيشن تي ٻن سياسي پارٽين ۾ جھيڙو ٿيو، انهي دوران ڪارڪنن هڪٻئي کي مارڪٽ ڪئي، هڪ پارٽي جي ڪائونسلر جي اميدوار کي ٻي پارٽي جي ڪارڪنن تشدد جو نشانو بڻايو.پوليس موجب جھيڙو جماعت اسلامي ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ ٿيو، ٻئي ڳڻپ ۾ حصو وٺڻ چاهين پيا، عملي پاران روڪڻ تان جھيڙو ٿيو. هوڏانهن الفلاح ٿاڻي جي حد ناصره اسڪول جي پولنگ اسٽيشن ۾ به جھيڙو ٿيو، هڪ ڪارڪن اساما زخمي ٿيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيوويو. هوڏانهن منگھوپير يوسي 3 جي وارڊ ۾ جماعت اسلامي ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ ٿي. جماعت اسلامي پ پ تي انتظاميا سان گڏجي ڌانڌلي جا الزام هنيا. انهي دوران پوليس ۽ رينجرز جي نفري پهچي وئي، جنهن صورتحال تي ضابطو آندو. ٻئي طرف ڪورنگي ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر شهزاد ميمڻ تي مبينه حملو ڪيو ويو، جنهن سبب گاڏي جا شيشا ٽٽي پيا. هوڏانهن بلديا ٽائون يوسي 13 جي پولنگ نمبر هڪ جي پرزائيڊنگ آفيسر ڊاڪٽر سميع کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس پهچي ڊاڪٽر سميع کي بچائي ورتو. پرزائيڊنگ آفيسر موجب پي ٽي آءِ جي يوسي چيئرمين جي اميدوار پنهنجن ساٿين سان گڏجي مون کي اغوا ڪيو، پوليس پهچي مون کي ڇڏايو، هوڏانهن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن دوران بيلٽ پيپر ڦر ڪرڻ جي الزام هيٺ  پي ٽي آءِ جي ايم پي اي عديل احمد ۽ امجد آفريدي کي گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي ڪورنگي ساجد امير سدوزوئي گرفتارين جي تصديق ڪندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي جي عملي عديل احمد ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته جوابدارن بيلٽ پيپر ڦر ڪيا، امجد آفريدي جي قبضي مان بيلٽ پيپر، پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، حيدرآباد ۾ سخي پير جي علائقي ۾ نامعلوم عورتون خان بهادر گرلز ڪاليج جي پولنگ بوٿ ۾ گهڙي اتان بيلٽ پيپر ۽ ٺپا ڦر ڪري فرار ٿي ويون. ان پولنگ اسٽيشن ۾ هڪ اميدوار جي چيف ايجنٽ طور ويٺل عورت قرت العين الزام هنيو ته پولنگ بند ٿيڻ مهل نامعلوم عورتون سندن پولنگ بوٿ ۾ گهڙي آيون ۽ عملي کي يرغمال بڻائي مارڪٽ ڪري ڌمڪيون ڏنيون ۽ بعد ۾ اتان ٺپا ۽ بيلٽ پيپر کڻي فرار ٿي ويون. ڳوٺ جهنڊي کوسي ۾ پولنگ دوران ٻن ڌرين ۾ جهڙپون ٿيون جنهن جي ڪري ڪجهه دير پولنگ جو عمل متاثر ٿيو. ڳوٺ گل محمد گوپانگ ۾ جي يو آءِ جي اميدوار پاران يوسي 56 جي وارڊ هڪ تي ڌانڌلي جو الزام مڙهيو ويو.   جي يو آءِ  اڳواڻ تاج محمد ناهيون موجب ته  ڪجهه ماڻهو پولنگ اسٽيشن ۾ گهڙي عملي کي يرغمال بڻايو ۽ مخالف اميدوار جي ڪاميابي لاءِ ٺپا هڻڻ شروع ڪيا. ٽنڊومحمد خان جي مختلف علائقي جي اندر پولنگ اسٽيشن تي اميدوارن جا حمايتي هڪٻئي جي هٿين پئجي ويا ، شوگر ملز پولنگ اسٽيشن تي ٻن ڌرين ۾ سخت  جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لتن مڪن جو وسڪارو ڪيوويو، بلڙي شاھ ڪريم جي پولنگ اسٽيشن غلام حسين مڱڻهار ۾ 2 ڪلاڪ جهيڙي سبب پولنگ اسٽيشن بند ٿي وئي ، ايس ايس پي پهچي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائي، بختاور ڪالوني جي پولنگ تي ڇڪتاڻ بعد ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ملاڪاتيار روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ قومپرست پارٽي جي اقبال حاجاڻو ۽ ٻين الزام لڳايو ته پولنگ اسٽيشن تي ڌانڌلي ڪري سرڪاري مشينري ذريعي حڪومتي پارٽي جي اميدوار کي ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،ڳوٺ پاٽار ۾ پولنگ اسٽيشن ٻاهران جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس فورس پهچي جهيڙي کي ٽاڙي ڇڏيو،   جڏهن ته ووٽرن جو تعداد گهٽ رهيو ۽ ڪاسٽنگ سخت متاثر رهي .  پنگريو ڀرسان يوسي پير بودلو جي بلوچڪ پولنگ اسٽيشن تي فائرنگ سبب ووٽرن ۾ ڀاڄ  پئجي وئي، جي ڊي اي ۽ تحريڪ لبيڪ پاران پ پ حامين تي فائرنگ ڪرڻ جا الزام ھنيا ويا، رينجرس پھچي بند پيل پولنگ اسٽيشن کولرائي. ٻي پاسي يوسي سمن سرڪار ۾ بيلٽ باڪس جون سيلون ٽٽڻ ھئڻ جو پ پ مخالف اميدوارن الزام لڳايا. ٽنڊو باگو جي يونين ڪائونسل 37 قاسم انڙ پولنگ اسٽيشن تي پيپلزپارٽي جي حامين مخالف ڌر جي ڊي اي جي اميدوار جي پولنگ ايجنٽ لکاڏنو انڙ تي حملو ڪري کيس زخمي ڪرڻ بعد  پولنگ مان ٻاهر ڪڍڻ جا الزام لڳايا ويا، جڏھن ته ٽائون وارڊ 4 جي پولنگ تي پيپلزپارٽي پپو شاهه گروپ جي اميدوار غلام رسول ڪاتيار ۽ سندس حمايتين سان پيپلزپارٽي جي جمالي گروپ جي ماڻهن منهن ماري ۽ جهڙپون ٿينديون رهيون. پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد پپو شاهه ۽ سندس گهرواري سينيٽر بيبي ياسمين شاهه سان ماڻهن پاران پڻ منهن ماري ڪئي وئي. بدين مڪاني  اليڪشن ۾ ھلڪي ڦلڪي ڇڪتاڻ بعد ووٽنگ جو عمل پورو ٿيو.دادو جي يوسي مرآباد جي پولنگ اسٽيشن رب رکيو پنهور تان واپس موٽندي  هٿياربندن فائرنگ ڪري آزاد اميدوار بخشل پنهور جي حامي منصور مخدومي کي ڄنگھه ۾ گولي هڻي زخمي ڪري وڌو.  ٿاڻوبولاخان جي ٽائون  وارڊ نمبر  3 جي پولنگ اسٽيشن ۾ ڳڻپ دوران نامعلوم ماڻھن جو حملو ڪري اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر انيس خاصخيلي ۽ پولنگ آفيسر ڪيلاش شرما لٺيون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، ڳڻپ دوران نامعلوم ماڻھن فائرنگ ڪئي، حملي آور ماڻھن جي ھٿن ۾ لٺيون پڻ ھيون جن حملي دوران استعمال ڪاسٽ ٿيل بيلٽ پيپر باڪس سميت اسٽيشنري ۽ ٻيو سمورو  سامان پاڻ سان کڻي ويا، پولنگ تي    ڀڃ ڊاھ پڻ ڪئي،  زخمي ٿيل اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر انيس خاصخيلي کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته ھڪ زخمي ڪيلاش شرما کي پڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو،  ٻئي پاسي ڄامشورو اتحاد جي اميدوار پير اڪبر شاھ جيلاني جو چوڻ آهي ته پرزائيڊنگ آفيسر ۽ ٻئي عملي 7 ڀيرا ڳڻپ ڪئي جنھن ۾ مونکي 11 ووٽن تان ليڊ ھئي پر بار بار رزلٽ گھرڻ باوجود مونکي رزلٽ نه ڏني وئي ھوڏانھن حملي کانپوءِ پرزائيڊنگ آفيسر ڊاڪٽر منگل داس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ووٽن جي ڳڻپ ڪري رھيا ھئاسين ته ٻاھر فائرنگ جو آواز ٻڌوسين ايتري ۾ ڏنڊا بردار نامعلوم ماڻھن اچي اسان جي مٿان حملو ڪري ڏنو.