حيدرآباد: پوليس مقابلي بابت مارڪيٽ ٿاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي امجد احمد شيخ چيو ته اساما قريشي مقتول نياڻي جي گهر ايندو ويندو هو ۽ نينگري کيس ماما چوندي هئي. واقعي واري ڏينهن به هو الينا هائيٽس ۾ موجود هو ۽ نينگري جيئن فليٽ تان ٻاهر نڪري دڪان تي پهتي ته هو به ساڻس گڏ هيٺ لٿو ۽ شيون وٺي ڏيڻ بعد بهاني سان زيادتي جي نيت ڪري کيس پلازه جي ڇت تي وٺي ويو پر زيادتي جي ڪوشش تي زاليا ساڻس مزاحمت ڪندي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ته جوابدار فليٽن ۾ رهائش پذير ٻين ماڻهن جي مٿي اچڻ واري خوف سبب سندس وات ۽ نڪ تي هٿ ڏئي سندس ساھ بند ڪري قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويو. مارڪيٽ جي هيرا آباد واري علائقي ۾ رهائشي پلازه جي ڇت تان 7 ورهين جي نينگري زاليا قريشي جو تشدد ٿيل لاش مليو هو 31 آڪٽوبر تي واقعو پيش آيو جنهن بعد پوليس جاچ شروع ڪندي ڪجهه شڪي ماڻهون تحويل ۾ ورتا واقعي جو ڊي آءِ جي پير محمد شاه ۽ ايس ايس پي امجد احمد شيخ نوٽيس ورتو هو, جنهن بعد جاچ لاءِ 7 رڪني جاچ ڪميٽي به جوڙي وئي هئي