حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس جي ڌار ڌار مقابلن ۾ هيرآباد واسڻ 7 ورهين جي نينگري جي قتل واقعي ۾ نامزد جوابدار مارجي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا هاف فراءِ ٿي پيا. مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ اساما قريشي طور ٿي آھي. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار اساما قريشي جي نينگري زاليا ڌيءُ فيصل قريشي جي گهر ۾ اچ وڃ رهندي هئي. واقعي واري ڏينهن هو زاليا کي زيادتي جي نيت سان  الينا هائيٽس جي ڇت تي وٺي وڃي ساڻس زيادتي جي ڪوشش ڪئي. نينگري رڙيون ڪيون ته هن زور سان سندس وات ۽ نڪ بند ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ نينگري  تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. پوليس ابتدائي طور نينگري جي قتل جي جاچ شروع ڪئي جوابدار اساما قريشي سميت ڪجھه جوابدارن کي حراست ۾ ورتو. جاچ ۾ قتل جو شڪ  اساما تي ظاهر ٿيو. پوليس موجب جوابدارن کي جاچ لاءِ ٻي ڏينهن به گهرايو ويو. ٻيا شڪي ماڻهو ته پيش ٿيا پر اساما پيش ٿيڻ بدران فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. مخبر جي اطلاع تي جوابدار اساما کي ميران اسڪول جي گهٽي ۾ رڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي هن پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ جوابدار مارجي ويو. جوابدار وٽان پستول ۽ 125 موٽ سائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي. نينگري جي قتل ۾ ملوث جوابدار سان اهو مبينا مقابلو سج لٿي کانپوء پيش آيو. جوابدار جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. مقابلي جي اطلاع تي ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ سول اسپتال پهتو مارجي ويل جوابدار جي لاش جو معائنو ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي ٻڌايو ته اساما قريشي مقتول نيڻي جي گهر ايندو ويندو رهندو هو. سندس جوڙيل جاچ ٽيم معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي شڪ جي بنياد تي اساما سميت ٻين ماڻهن کي حراست ۾ ورتو هو. هن چيو ته نينگري جي ننهن مان مليل گوشت جي ٽڪرن جي ڊي اين اي ڪرائي وئي آهي جڏهن ته سي سي ٽي وي فٽيج به هٿ ڪيا ويا آهن جن مان به جوابدار جي نينگري سان رابطي جي تصديق ٿئي ٿي. ٻئي پاسي هٽڙي پوليس مقابلي دوران 2 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته واڻڪي وسي لنڪ روڊ تي ڦورن جي اطلاع بعد چاپو هنيو ته ڦورن پوليس تي فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ حنيف مينگل ۽ نذير بروهي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪياويا جن کي علاج لاءِ سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي ترجمان دعوي ڪئي ته شروعاتي معلومات ۾ کين ڄاڻ ملي آهي ته ڦورن جو تعلق ڦرلٽ ۽ چورين جي وارداتن ۾ ملوث سرگرم گروه سان آهي سندن ڪرمنل رڪارڊ جي جاچ ڪئي پئي وڃي, هٽڙي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدارن خلاف پوليس سان مقابلي ۽ کائن هٿ آيل غيرقانوني اسلحي رکڻ جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. ايس ايس پي امجد احمد شيخ سول اسپتال پهچي مارجي ويل جوابدار جي لاش جو معائنو ڪيو ۽ بعد ۾ ايس ايس پي نينگري جي گهر پهچي سندس والدين کي مقابلي بابت آگاهي ڏني جنهن دوران وحشي جوابدار کي منطقي انجام تي پهچائڻ واري حوالي سان ايس ايس پي ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو هوڏانهن مارڪيٽ پوليس جوابدار سان مبينا مقابلي جو ڪيس سرڪاري فرياد ۽ نينگري جي قتل جو ڪيس سندس والد جي فرياد تي داخل ڪري ڇڏيو آهي.