حيدرآباد: معصوم زاليا قريشي جي قتل ۾ ملوث جوابدار جي مارجڻ بعد فيصل قريشي پوليس جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ايس ايس پي امجد احمد شيخ جون سندس نياڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي منطقي انجام تائين پهچائڻ واريون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن ڇا ڪاڻ ته ايس ايس پي ساڻس واعدو ڪيو هو ته زاليا جي قتل ۾ ملوث جوابدار فوري طور وائکو ٿيندو.