ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران عرب شڪارين کي روڪيندڙن تي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم، ان ڏس ۾ ڪالهه کپري جي اڇڙي ٿر، خيرپور ۽ ٻين علائقن ۾ عرب شھزادن پاران تلور جو شڪار ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا، سنڌ ھاء ڪورٽ شڪار جي اجازت بابت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن  توڙي جهنگلي جيوت کاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ اسسٽنٽ  ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ کان پڇاڻو  ڪندي چيو ته عربن کي شڪار جا اجازت ناما ڪير جاري ڪندو آهي؟ جنھن تي اسسٽنٽ ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته شڪار جا اجازت ناما وفاقي گھرو وزارت جاري ڪندو آهي، عدالت سنڌ سرڪار جي وڪيل، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين پوليس عملدارن کي ھدايت ڪئي ته عرب شڪارين کي روڪيندڙن کي ھراسان نه ڪيو وڃي، سندن خلاف ڪيس داخل نه ڪيا وڃن، ٻڌڻي دوران عدالت ايس ايس پي خيرپور تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توھان علائقي واسين جي گھرن ۾ داخل ٿي چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪري رھيا آھيو؟ ڇو نه اوھان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، عدالت ايس ايس پي کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏھن ڪير توھان جي گھر جو تقدس پائمال ڪري ته اوهان جو ردعمل ڪهڙو هوندو؟ ان موقعي تي درخواستگذار برڪت علي ۽ ٻين جي وڪيل چيو ته کپري جي اڇڙي ٿر، خيرپور ۽ ٻين علائقن ۾ عرب شڪاري  غيرقانوني طور تي تلور سميت  ٻين پکين ۽ جانورن جو شڪار ڪري رھيا آهن، روڪڻ تان پوليس ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ هراسان پئي ڪري.