ارڙهين ترميم جا آهستي آهستي ظاهر ٿيندڙ اثر

0
1055

جيتوڻيڪ ڀارت ۾ ڪورونا وبا سبب خطرناڪ صورتحال ۾ جنم ورتل انساني الميي کان پوءِ پاڪستان جي ماڻهن جو ساھه پڻ سڪي ويو آهي جنهن ڪري هڪ دفعو ٻيهر ماڻهو سياسي معاملن تي ويچارڻ بدران ساھه کڻڻ لاءِ آڪسيجن جا سئلينڊر اڳواٽ هٿ ڪري رکڻ لاءِ پريشان نظر اچي رهيا آهن پر پوءِ به جيئن ته سمورين وبائي مصيبتن جي باوجود دنيا جا سڀ ڪار وهنوار ته هلڻا آهن ان ڪري اسان لاءِ قدرتي مصيبتن سان جهيڙڻ سان گڏوگڏ هر حال ۾ پنهنجي ارد گرد توڙي ملڪي سطح تي ٿيندڙ هر قسم جي سياسي چرپر تي به نظر رکڻ ضروري آهي. هن وقت پاڻ جيڪڏهن ملڪ جي موجوده صورتحال تي نظر وجهنداسين ته معلوم ٿيندو ته وفاقي سرڪار ماڻهن کي مختلف مسئلن ۾ منجهائي نه فقط پنهنجو حڪومتي مدو پورو ڪرڻ جي چڪر ۾ نظر ايندي بلڪه وفاقي سرڪار هر حال ۾ ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ صوبي جو هر طرح سان استحصال ڪرڻ جو پڪو پھه ڪيل نظر ايندي. عمران سرڪار هوندي وفاق سنڌ سان هن وقت جيڪو رويو رکيو آهي ان مان ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته سنڌ جي هر شيءَ مال غنيمت هجي. مٿان وري سنڌ ۾ ميگا پروجيڪٽس شروع ڪرڻ جي نالي تي پڻ اکين ۾ ڌوڙ وڌي پئي وڃي، ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته پاڻ وفاقي سرڪار پاران وڌل اکين ۾ ڌوڙ ڌوئي، اکيون مهٽي حالتن کي باريڪ بيني سان جاچيون. ڪجھه ڏينهن اڳ 17 هين اپريل تي وزيراعظم پاڪستان عمران خان جي سکر جي دوري دوران سنڌ لاءِ 400 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو جنهن ۾ سکر کان حيدرآباد موٽر وي ٺاهڻ جو اعلان ٿيو، 400 ارب جي پئڪيج مان رڳو موٽر وي وارو هڪڙو منصوبو به لڳ ڀڳ 300 ارب رپين جو آهي. حيرت جي ڳالھه اها آهي ته ان منصوبي تي جيڪا انويسٽمينٽ ٿيڻي آهي سا حڪومت پاڪستان يا نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي ناهي ڪرڻي بلڪه اها انويسٽمينٽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٿيندي ۽ معاهدي موجب منصوبي جي تڪميل کان پوءِ ٽيهن سالن لاءِ موٽر وي جي آمدني اها پرائيويٽ ڪمپني کڻندي جنهن جي ان تي سيڙپ ٿيل هوندي. اوهان کي ياد هوندو ته حيدرآباد کان ڪراچي 168 ڪلو ميٽر سپر هاءِ وي ٺهيو هو جنهن تي پهرين ڪار ۽ ويگن تي 30 رپيا، بس ۽ ٽرڪ تي 75 روپيه ۽ ٽرالي وغيره تي 100 روپين جي لڳ ڀڳ ٽيڪس ورتو ويندو هو، نواز شريف جي گذريل حڪومت ۾ پاڪستان سرڪار ۽ نواز شريف سنڌ تي خاص نوازش ڪندي اهو اعلان ڪيو ته سپر هاءِ وي کي موٽر وي ۾ تبديل ڪيو ويندو جنهن تي سنڌ جي ماڻهن ۾ انتهائي خوشي جي لهر ڇائنجي وئي ۽ انهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي موٽر وي به ايئن ٺهندو جيئن لاهور-اسلام آباد، پشاور-اسلام آباد يا پشاور فيصل آباد وارو آهي جنهن ۾ انٽر چينج ۽ ٻنهي پاسن کان خاردار تارون هڻي موٽر وي ٺاهيو ويو آهي جنهن جي اندر ڪو جانور به اچي ناهي سگهندو، ليڪن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان نواز شريف اهو ئي ڪم ڪيو جيڪو ماٽيلي ماءُ پنهنجي ويڳي ٻار سان ڪندي آهي. هن نام نهاد موٽر وي تي صرف هڪ لائين جو اضافو ڪيو ويو ۽ ٻنهي ٽريڪس تي صرف هڪ فوٽپاٿ جيتري ويڪري پٽي هنئي وئي ۽ ساڳئي روڊ جي مرمت ڪري ان کي موٽر وي جو نالو ڏنو ويو، ايتري قدر جو پراڻيون تعمير ٿيل پليون ڪيرائڻ بدران ساڳيون پليون استعمال ڪيون ويون، مرمت به اهڙي ڪئي وئي جو موٽروي اڃان اسٽارٽ ئي نه ٿيو ته هنڌان هنڌان روڊ خراب ٿيڻ لڳو، اهوئي نه پر مقامي ماڻهن سان ظلم ڪندي سندن اچ وڃ جا قديمي لنگھه بند ڪيا ويا،
سندن زمين تي موٽروي جي نالي تي قبضا ڪيا ويا بدلي ۾ کين سروس روڊ به پوري طرح ٺاهي نه ڏنو ويو جنهن ڪري هو هن وقت نه فقط وڏي عذاب ۾ آهن پر موٽروي انتظاميا جي ظلم جو شڪار پڻ آهن ۽ ابن ڏاڏن کان ويٺل قديم ماڻهو غلامن واري زندگي گهاري رهيا آهن. اهڙي طرح نواز سرڪار سنڌ جي ماڻھن کي خوش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ عوام کي 30 رپين جي جاءِ تي 270، 60 رپين جي جاءِ تي 500 ۽ 100 رپين جي جاءِ تي 1000 رپين جي لڳ ڀڳ ٽيڪس ادا ڪرڻو پوي پيو، ايڏي وڏي رقم وصول ڪرڻ کان پوءِ ان موٽروي ٺاهڻ تي لڳل رقم ته هڪ سال کان به گهٽ عرصي اندر وصول ٿي چڪي آهي پر ان جي باوجود ٽيڪس جو اهو مستقل عذاب سموري زندگي سنڌ جي عوام کي اڃان به الڳ سان ڀوڳڻو پوندو. جي ايترو ئي ٽيڪس مقرر ڪرڻو هو ته ان ليول جي موٽروي ٺهي ها ته اڄ اسانکي اهڙي قسم جي شڪايت نه هجي ها ليڪن مان سمجهان ٿو ته نواز شريف جي اها حڪمت عملي سنڌي عوام جي خلاف هڪ سوچيل سمجهيل سازش هئي ۽ سنڌ جي عوام کان 2013ع جي اليڪشن ۾ کيس مليل شڪست جي عيوض پلاند طور هڪ فٽپاٿ جيتري روڊ جو اضافو ڪري ڳاٽي ڀڳا ٽيڪس اوڳاڙڻ شروع ڪيا ويا جنهن سان ساليانو بلين روپين جو ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي. ڳالهه شروع ٿي عمران خان جي سکر واري تقريب ۾ سنڌ لاءِ اربين رپين جي پيڪيج جي اعلان کان جنهن دوران عمران خان سنڌ حڪومت کي اهو مهڻو به ڏنو ته جي سنڌ حڪومت ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي اجازت ڏئي ها ته اتي هڪ نئون شهر قائم ٿئي ها. وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ وڌيڪ فرمايو ته سنڌ حڪومت مرڪز کي ڏنل اين او سي واپس نه وٺي ها ته ٻيٽن تي شهر اڏجڻ سان سنڌ وڏي ترقي ڪري ها ۽ سنڌ جو ماڻهو خوشحال هجي ها. عمران خان جي ان ڳالھه مان ثابت ٿيو ته سنڌ حڪومت ارڙهين ترميم ۾ ڏنل پنهنجي صوبائي حقن جي اختيارن کي استعمال ڪندي مرڪز جي ان غير قانوني عمل کي روڪيو.
هتي اهو به واضح ڪندو هلجي ته 18 هين ترميم کانپوءِ سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو مرڪز سان پنهنجي حقن لاءِ مهاڏو اٽڪائي بيٺو آهي. سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ هجن، اين ايف سي ايوارڊ هجي يا ٻيا اهڙا ڪيترائي معاملا جن ۾ پاڻي جي ورڇ وغيره پڻ شامل آهي جن تي سنڌ واضع موقف سان اٽل بيٺي آهي ليڪن اوهان کي ياد هوندو ته جڏهن وفاقي حڪومت صدارتي آرڊينننس ذريعي ڪراچي ۾ ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو اعلان ڪيو ته سنڌ جي قومپرست پارٽين ۽ ليڊرن بجاءِ مرڪزي حڪومت جي مذمت ڪرڻ جي سنڌ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنايو هو. ان وقت وفاق پاران چيو پئي ويو ته وفاقي حڪومت هر حالت ۾ ٻيٽن تي شهر اڏيندي ۽ سنڌ حڪومت اين او سي ڏيڻ کان پوءِ ان عمل کي روڪڻ جي طاقت ڪونه ٿي رکي پر سنڌ حڪومت آئين ۾ ڪيل 18هين ترميم جو حق استعمال ڪري حڪومت جي صدارتي آرڊيننس کي غيرقانوني ڄاڻائي ختم ڪري ڇڏيو، اهو ئي سبب آهي جو سکر ۾ وزيراعظم عمران خان کي چوڻو پيو ته سنڌ سرڪار سمنڊ جي ٻيٽن تي شهر ٺاهڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي ۽ اهو پهريون دفعو آهي ته وفاقي حڪومت آئين ۾ ڪيل 18 هين ترميم جي اڳيان بي وس نظر آئي. اهو ڏسڻ به ضروري آهي ته سنڌ ۾ هاءِ ويز جي تعميرات کان پوءِ پبلڪ جي گهڻي رش جي ڪري شهرن کان باءِ پاس ٺاهي وچ شهر کان ٽريفڪ جو رخ ٻاهرين طرف موڙيو ويندو آهي جيئن هيوي ٽريفڪ شهر کان پاس ڪرائي سگهجي ليڪن پنهنجي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جي اها بدقسمتي آهي جو اسان شهرن مان ٽريفڪ گهٽ ڪرڻ لاءِ باءِ پاس ته ٺاهيون ٿا ليڪن ان لاءِ ڪابه موثر ۽ عقلمندي واري حڪمت عملي اختيار نٿا ڪريون جنهن جي نتيجي ۾ هر ٺهندڙ باءِ پاس تي ڏهن ٻارهن سالن جي اندر هڪ ٻيو نئون شهر قائم ٿيو وڃي. باءِ پاس روڊ جي ٻنهي طرفن کان هوٽلون پيٽرول پمپ ۽ شاپنگ سينٽر تعمير ڪري وري ان باءِ پاس تي هڪ نئون شهر تعمير ڪيو ٿو وڃي ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي جو ڪوبه خيال رکي ڪابه حڪمت عملي ڪونه ٿي تيار ڪئي وڃي جنهن جي ڪري ٺهيل باءِ پاس تي وري هڪ نئون شهر تعمير ٿيو وڃي ۽ ان جي ڀرسان هائوسنگ سوسائٽيون قائم ٿيو وڃن.
اوهان حيدرآباد باءِ پاس کان هالا ناڪي تائين ڏسندئو ته تقريبن 8 ڪلو ميٽرن تائين هائوسنگ اسڪيمون تيار ٿي ويون آهن جيڪي جڏهن آباد ٿينديون ته وڌندڙ آبادي جي ڪري اهو باءِ پاس نئين شهر جو ڏيک ڏيڻ لڳندو. اهڙي طرح اوهان ڪراچي کان حيدرآباد موٽر وي جي ٻنهي طرفن کان نظر ڊوڙائيندو ته لڳ ڀڳ 100 کان مٿي هائوسنگ سوسائٽيون قائم ٿي چڪيون آهن . مونکي اهو به خدشو آهي ته ايندڙ ويهن سالن کان پوءِ حيدرآباد ۽ ڪراچي موٽر وي تي پڻ 150 ڪلو ميٽرز تي مشتمل هڪ نئون شهر قائم ٿي ويندو جنهن کان پوءِ اندازو لڳايو ته عوام لاءِ پنهنجو سفر ڪرڻ ڪيئن ممڪن رهندو؟ ان ڪري مان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ سنڌ سرڪار کي اها تجويز پيش ڪيان ٿو ته آئينده ڪنهن به هاءِ وي ۽ ڪنهن به باءِ پاس تي سواءِ چند هوٽلن ء پيٽرول پمپ جي هر قسم جي تعميرات تي پابندي هنئي وڃي نه ته بنا اڳواٽ پلاننگ جي ان قسم جا وڏا پروجيڪٽ پاڻ سان گڏ وڏيون تباهيون به کڻي ايندا.