ترين گروپ ۽ پي ٽي آءِ جو مستقبل

0
299

وزير اعظم عمران خان شايد اهو سوچيو به نه هو ته هو ايترو جلد پارٽي جي اندر ان گروپ کي منهن ڏيندو جيڪو ڪالھه تائين عمران خان سان پنهنجو پاڻ کي پارٽيءَ جي اندر پابند ۽ وزير اعظم جو وفادار چورائيندو هو. ان گروپ جا 11 ايم اين ايز ۽ 22 ايم پي ايز هم خياليءَ جي رشتي ۾ ٻڌجي جهانگير ترين جو ساٿ ڏيندي پي ٽي آءِ پارٽيءَ جي اندر هڪ ڊگھي لڪير ڇڪي ويهي رهندا جو پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شاھه محمود قريشيءَ کي اهو چوڻو پيو ته “ جهانگير گروپ هيڏانهن ٿئي يا هوڏانهن اڌ تتر ۽ اڌ ٻٽير نه هلندو” شاھ محمود قريشي جيڪو سياسي بلوغت ۾ پنهنجو پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ تصور ڪندو آهي
خبر ناهي ته هو تتر ڪنهن کي پيو سڏي ۽ ٻٽير ڪنهن کي پيو سڏي پر هن وقت ظاهر پوزيشن اها پئي نظر اچي ته هم خيال گروپ کي هو ٻٽير چوندو هجي. پاڻ جڏهن هي سٽون لکون پيا 27 اپريل تي وزير اعظم عمران خان انهيءَ هم خيال گروپ کي ملاقات جو وقت ڏنو “پنهنجي اخبار” جي رپورٽ مطابق ميٽنگ ۾ ترين جي نمائيندگي پارلياماني نمائيندن ڪئي ۽ هو پاڻ انهي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ نه هو. ممڪن آهي ته عمران خان کي هم خيال گروپ اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندي ڪامياب ٿي ويو هجي ته جهانگير ترين کي ڪمزور نه سمجھو پارٽيءَ جي اندر هن جي سگھه چڱي خاصي طاقتور آهي. پارلياماني نمائندن موجب جيڪي ملاقات ۾ موجود هيا ته وزيراعظم کين خاطري ڪرائي ته جهانگير ترين سان ناانصافي نه ٿيندي جڏهن ته کنڊ اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي لاهور جي ڊائريڪٽر رضوان کي ملاقات کان اڳ ئي بدلي ڪيو ويو هو. ان گڏجاڻيءَ ۾ اندر ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون اهي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ ظاهر ٿي وينديون يا ايف آءِ اي جي جاچ جي طريقي مان به واضح ٿي ويندو ته ترين کي انصاف ٿو پلئه پئي يا انتقام.
هيءُ به ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ جي اندر جهانگير ترين ان هلڪي لوڏي ڏيڻ کان پوءِ وري خاموش ٿي وڃي ۽ وفاقي حڪومت يعني عمران خان سرڪار کنڊ اسڪينڊل مان کيس رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري پر هي واضح نظر پيو اچي ته مستقبل ۾ پي ٽي آءِ جي اندر هاڻي معاملو ايترو سڌو نه هلندو ۽ جهانگير ترين پنهنجي سياسي حڪمتِ عملي خاموش ٿي رهڻ کان وڌيڪ سرگرم ٿيندي انهن 11 ۽ 22 جي گروپ کان وڌيڪ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز شامل ڪري وڃي ۽ هيءَ به ممڪن آهي ته جهڙي طرح عمران خان جهانگير ترين کي کنڊ مافيا جو ڪنگ سڏيندي ان تي ڪيس داخل ڪيا آهن ۽ هن جي ڪاروباري شخصيت کي ۽ سياسي حيثيت کي جيڪو نقصان پهچايو آهي انهيءَ جو حساب وٺڻ لاءِ هو وڌيڪ پنهنجي سگھه جو مظاهرو ڪري. اڪثر تجزيئي ڪندڙن جو اهوئي رايو آهي ته کنڊ اسڪينڊل ۾ اڪيلو ترين ملوث ناهي انهيءَ سان گڏ عمران خان جي وزارت ۾ شامل خسرو بختيار به ايتروئي بينيفشري آهي ليڪن انهيءَ جي خلاف ڪو قدم ناهي کنيو ويو ۽ نه کنڊ مافيا جي ٻين ڪردارن کي ايترو سوڙهو ڪيو ويو آهي جيترو جھانگير ترين کي ڪيو ويو. پهريان هي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عمران خان احتساب جي دائري ۾ پنهنجي پارٽيءَ جا اهم اڳواڻ به شامل ڪري ٿو پر اڳتي هلي ڪري اها خبر پئي ته قربانيءَ جو ٻڪرو ترين کي بڻايو ويو ۽ انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ جي اسڪينڊل ۾ جھانگير ترين طاقتور ڪردار هو پر اهو ڪنهن به صورت ۾ نٿو چئي سگھجي ته هو اڪيلو هو يا هو اڪيلو آهي. هن وقت تائين انهيءَ اختلاف جي پٺيان ٻيون به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون پي ٽي آءِ جي حڪومتِ جي جوڙجڪ جي شروعاتي ڏينهن ۾ يعني 2018 ع جي اليڪشن کان پوءِ جڏهن جهانگير پنهنجو جهاز ۽ هيليڪاپٽر حڪومت سازيءَ ۾ چنگچي ڪري هلايو ته تڏهن ئي اهو تاثر اڀري آيو هو ته عمران خان کي حڪومت ۾ آڻڻ جو طاقتور ڪردار ترين ئي آهي، تڏهن پي ٽي آءِ جي اندر ان وقت به اهوئي اختلاف اڀري سامهون آيو هو جنهن ۾ هڪ گروپ پنهنجو پاڻ کي نظرياتي سڏيو هو
ان جي اڳواڻي شاھ محمود قريشي ۽ شيري مزاري ڪري رهيا هئا.ڪجھه وقت کان پوءِ اهو اختلاف ماٺو ٿي ويو پر اڳتي هلي کنڊ ۽ ڪڻڪ جي بحران کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر پي ٽي آءِ ۾ اختلاف وڌيو. شروعاتي ڏينهن ۾ جھانگير ترين پنهنجو پاڻ کي بچائيندي ملڪ کان ٻاهر نڪري ويو پر واپس ٿيڻ کان پوءِ هن رڳو ڪيسن کي منهن ڏيڻ جو فيصلو نه ڪيو پر پارٽيءَ جي اندر پنهنجي گروپ جي طاقت جو به مظاهرو ڪيو آهي. هن وقت تائين چيو اهو ٿو وڃي ته پارٽيءَ جي اندر ڪجھه ماڻهو جھانگير ترين خلاف محاذ ٺاهي رهيا آهن ۽ لابنگ ڪري رهيا آهن. جهانگير ترين هن وقت تائين ميڊيا جي اندر وزير اعظم خلاف ڪو سخت بيان ناهي ڏنو ۽ پي ٽي آءِ جي اندر صفن ۾ پنهنجي خلاف فردن جي نشاندهي نه ڪئي آهي انهيءَ جو سبب هي به ٿي سگھي ٿو ته ترين انهن ماڻهن کي پنهنجي ليول جو سمجھندوئي نه هجي ۽ هي به ممڪن آهي ته هن جي طرفان نشاندهي ٿيڻ جي بجاءِ اهي پاڻ اڳيان اچن جيڪي هاڻي آهستي آهستي اچي رهيا آهن. ترين وٽ پارٽيءَ جي اندر سڀنيءَ کان وڌيڪ اها چمڪ موجود آهي جيڪا رولنگ ڪلاس جي سياست کي پنهنجي طرف هرکائي گڏ ڪندي آهي.
ٻن چئن ماڻهن کان معاملو وڌندو 11 ۽ 22 تائين پهتو آهي ۽ اهو گروپ پنهنجو پاڻ کي هم خيال جي نالي سان سڏيندي واضح ڌر بڻجي چڪو آهي. جي اختلاف عارضي طور تي ماٺا ٿين ٿا يا طاقتور ڌريون انهن کي ٻانهن کان پڪڙي هڪڙي ٽيبل تي اچي ويهارين ٿيون تڏهن به هي سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته هاڻي پي ٽي آءِ جي اندر اختلاف وڌندي وڌيڪ طاقتور صورت ۾ اڳيان ايندا، ڇو ته هن مرحلي تي عمران خان کي جھانگير ترين جيڪا سياسي شھه ڏني آهي جو عمران خان نه چاهڻ جي باوجود انهن سان ڳالهين ڪرڻ جي مجبور ٿي کين وقت ڏئي ٿو،
ساڳي طرح جھانگير هي به شڪايت رکندي پنهنجو پاڻ کي حق بجانب سمجھندو ته جيڪڏهن هو پنهنجي دولت ۽ سياست جا داءُ پيچ نه کيڏي ها ته عمران خان جي گورنمينٽ ٺهندي نظر نه اچي ها. ڀلي عمران خان پي ٽي آءِ وارا اهو سمجھن ته اسٽيبلشمينٽ جي سپورٽ سان هو ان منزل تي پهتا آهن ليڪن گرائونڊ جي طاقت کان سواءِ حالتن کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ تمام گھڻو ڏکيو هوندو آهي. مستقبل ۾ انهن تضادن ۽ ٽڪرائن جا نتيجا ڪهڙا ايندا انهيءَ جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي سياست جي اندر هميشه ٻه مفاد رهندا آهن هڪ نظريي جو مفاد ۽ ٻيو اقتدار ۽ دولت جو مفاد، هن ملڪ جي اندر ٿيندڙ سياست ۾ نظريي جو وجود صرف ۽ صرف نالي ماتر رهندو آيو آهي تمام سياسي جماعتن جي اندر جيڪي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز آهن انهن ۾ 10 سيڪڙو به اسان کي اهڙا فرد نه ملندا جيڪي پارٽي جي آئين ۽ منشور تي ڳالهائي سگھن. هاڻي جڏهن هنن کي پارٽي ، آئين ۽ منشور جي پڙهڻ جي تڪليف نٿي ٿي سگھي ته هو نظريا ۽ نظرياتي وابستگيون ڪيئن ٿا رکي سگھن. اقتداري رشتا صرف ۽ صرف حاصلات جي مفاد جي بنيادن تي هجن ٿا سڀاڻي اقتداري مفاد جڏهن پنهنجو رخ بدلائيندا ته پوءِ کين اها خبر پئجي ويندي ته انهن جي نظرياتي وابستگيون ڇا معنيٰ رکن ٿيون.
ڪجھه ماڻهن جو هي به خيال آهي ته ان سڄي رولنگ ڪلاس ٽولي ۾ رڳو پي ٽي آءِ جا ڪردار ناهن پر ن ليگ يا پ پ پ به اچي وڃن ٿيون پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو نواز شريف سان ان جا چونڊيل نمائندا بري وقت ۾ به بيهن ٿا، ڇا اهي نظرياتي آهن ؟ انهيءَ جو به آسان جواب هي آهي ته جن پارٽين سان پاپولر ووٽ جڙيل آهي ته ان پارٽيءَ جا نمائندا گھڻي ڀاڱي بري وقت ۾ به پارٽي سان گڏ هوندا آهن، ووٽ جو مفاد هنن لاءِ وڌيڪ اهم هوندو آهي انهيءَ ڪري هو پنهنجو پاڻ کي پارٽيءَ جو وفادار سڏائيندي نظرياتي چوندا آهن پر حقيقت اها آهي ته هنن جو نظريي سان پري پري تائين ڪو واسطو ناهي هوندو. نظريي جي تشريح ڪا ڏکي ناهي، نظريي جو مطلب آهي باڪردار، حب الوطن ۽ عوام دوست سياست ڪرڻ، هن ملڪ جي رولنگ ڪلاس وٽ دولت ۽ پاپولرٽيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ناهي هوندو ۽ وري پي ٽي آءِ ۾ هن وقت تائين ڪا به نظرياتي سنجيدگي، سياسي لٽريچر سياسي تربيت ٿيندي نظر ناهي آئي. پهرين ڏينهن ۾ عمران خان جڏهن سياست ۾ قدم رکيو هو تڏهن هن اها دعويٰ ڪئي هئي ته هو پي ٽي آءِ کي مضبوط ۽ منظم پارٽي بڻائيندو ليڪن اڳتي هلي دولت جي جهنڪار، جلسن ۽ گھوڙن جي ڊوڙ ۾ هن سڀ ڪجھه پوئتي ڦٽي ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترا غريب ڪردار جيڪي تبديليءَ جي اميد سان پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا هئا اهي دولت جي دٻاءَ ۾ ۽ گھوڙن جي ريس ۾ چٿجي ختم ٿي ويا. هاڻي پي ٽي آءِ جو سڄو تاڃي پيٽو پراڻن ڌاڱي تي بيٺل آهي پر پاڻ جيڪڏهن هيئن چئون ته پي ٽي آءِ جي پارٽي پوزيشن ن ليگ کان به وڌيڪ ڪمزور ۽ نٻل نظر ٿي اچي ته غلط نه ٿيندو. هي به پاڪستان جي تاريخ جو پهريون مثال آهي جو پهريون ڀيرو اقتدار ۾ ايندڙ پارٽي اڍائي سالن جي عرصي ۾ پنهنجي تنظيمي ۽ پارٽي پوزيشن به برقرار نٿي رکي سگھي ڇو ته ان پارٽي جي اندر طاقتور ۽ دولتي شخصيت يا شخصيتون چونڊيل ميمبرن تي پنهنجو سحر ڇڏڻ جي طاقت رکن ٿيون، انهن جي اڳيان خود عمران خان ڪا وڏي طاقت نٿو رکي. فيوڊل ۽ لينڊ لارڊ ارب پتي ۽ کرب پتي هاڻي عمران خان کي ٻڌائيندا ته هنن جي پنهنجي طاقت ڪيتري آهي لڳي هيءُ ٿو ته مستقبل ۾ عدم اعتماد اپوزيشن جي طرفان اچي يا نه پر خود پي ٽي آءِ جي اندر گروھه بنديون ۽ ترين جو هم خيال گروپ ڪڏهن به اهو پتو ڦٽي ڪري سگھي ٿو.