جسٽس فائز عيسيٰ جي ڪاميابي ڪنهن لاءِ پريشانيون پيدا ڪندي؟

0
926
وزيراعظم جا اعلان،مخالف ڌر جو خوف يا عوام جو درد ؟

آخرڪار ڇھه فيبروري 2019ع تي فيض آباد ڌرڻي واري ڪيس ۾ ڏنل فيصلي کانپوءِ شروع ٿيل تڪرار سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ جي ڏھه رڪني فل ڪورٽ بينچ پاران نظرثاني وارين درخواستن تي ڏنل فيصلي کان پوءِ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.سپريم ڪورٽ پنهجي 19جون 2020ع واري فيصلي تي نظرثاني ڪندي درخواست گذار جج جي گهر واري سرينا عيسيٰ کوسو جي پرڏيهه ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ لاءِ اماڻيل رقم جي جاچ لاءِ مامرو فيڊرل بورڊ آف روينيو کي اماڻڻ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ان فيصلي تحت جيڪا ڪارروائي ٿي ان کي به غير قانوني قرار ڏنو. نظرثاني واري درخواستن تي ڏنل فيصلو جيڪو 19 جون واري فيصلي وقت اقليتي فيصلو هو اهو هاڻي اڪثريتي فيصلو بڻجي ويو آهي بينچ جي ميمبر جسٽس منظور ملڪ جيڪو ٻه سال اڳ مامرو ايف بي آر کي موڪلڻ جو حامي هو ان پنهجي فيصلي تي نظر ثاني ڪئي جڏهن ته جسٽس فيصل عرب جي ريٽائرمنيٽ کان پوءِ بينچ ۾ شامل ٿيندڙ جج جسٽس امين الدين خان درخواست گذارن جي حق ۾ فيصلو ڏنو. ايئن چار ڇھه جي تناسب سان نظرثاني واريون درخواستون منظور ڪيون ويون جڏهن ته جسٽس يحييٰ آفريدي درخواست گذار جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست تي ڌار سان نوٽ لکندي ان جي مخالفت ڪئي ان ڪري ان درخواست تي فيصلو پنج پنج جي شرح سان ٽائي ٿي ويو.
سومر واري ڏينهن تي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ڏھه رڪني فل ڪورٽ بينچ ٻڌڻي شروع ڪئي ته سرڪاري وڪيل چوڌري عامر رحمان دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته ڏھه رڪني فل ڪورٽ بينچ درخواست گذار جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان آف شور ملڪيتن جي خريد ڪرڻ واري مامري تي ٽي سوال ڪيا ۽ ان جا جواب ملي وڃن ته مامرو ختم ٿي ويندو. اهڙي دليل تي جسٽس عمر عطابنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته شايد معزز درخواست گذار جج جي نظر ۾ان جي گهر واريءَ جي ملڪيتن بابت سوال ڪرڻ ۽ ان جو جائزو وٺڻ صحيح ناهي، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا اوهان انڪم ٽيڪس آفيسر ٿي ويا آهيو جو ملڪيتن جو جائزو وٺندا.؟ جسٽس منظور ملڪ جيڪو 30 اپريل تي ريٽائر ٿي رهيو آهي ان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي مخاطب ٿيندي چيو ته قاضي صاحب اوهان کي ڪيترائي ڀيرا انگريزي زبان ۽ اردو زبان ۾ سمجهائي چڪو آهيان ۽ هاڻي پنجابي زبان ۾ سمجهايان ته اوهان ڪارروائي ۾ مداخلت نه ڪيو، اوهان جي ڳالهائڻ سان سرڪاري وڪيل ڊڄي ٿو وڃي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کيس جواب ڏيندي چيو ته پنجابي زبان جو هڪ جملو چوڻ چاهيان ٿو ته تون وڃ تي مين آيا،منهجي ۽ گهر وارن جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيا ٽرائل شروع ڪيو ويو آهي تنقيد لاءِ اسانجا ٻار موجود آهن اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن ريٽائرڊ جرنيل کي ڇيڙيوسين ته اسان کي شمالي علائقن جي سير ڪرايو ويندو. جسٽس منظور ملڪ کيس چيو ته اوهان جو چيل جملو پنجابي زبان جو نه پر سرائيڪي زبان جو آهي، اسان وٽ اوهان جي لطيفن ٻڌڻ جو وقت ناهي، اوهان مھرباني ڪري ويهي رهو ۽ عدالت جو وقت ضايع نه ڪيو. جسٽس عمر عطا بنديال ان موقعي تي دلچسپ ريمارڪس ڏنا ته جسٽس قاضي فائز اسانجي پڇيل سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي انهي ريمارڪس تي درخواست گذار جج جواب ڏيندي چيو ته مون انڪار ناهي ڪيو پر پڇيل سوالن تي اعتراض اٿاريو آهي. سرينا عيسيٰ کوسو به موقعي جو فائدو وٺندي چيو ته جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس منيب اختر هر وقت ججن جي احتساب جو موقف رکندا رهيا آهن ڇو نه هو پنهنجا ۽ گهر وارن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ ۾ شروعات ڪن. بحر حال ٻڌڻي ختم ٿي ۽ عدالت فيصلو محفوظ ڪيو ان وقفي دوران به عدالتي ڪمري ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي وڪيل ۽ صحافي چنبڙي ويا، ان دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ انهن کي سمجها ئيندو رهيو ته هن ڪهڙي طرح پنهنجو دفاع ڪيو آهي. پوڻا ٻه ڪلاڪ گذريا بينچ آئي ۽ فيصلو ٻڌايو. ڏھه رڪني بينچ جي فيصلي اچڻ کانپوءِ هر طرف تجزيا شروع ڪيا ويا آهن ڪو چوي ٿو ته ججن پنهنجي ڀاءُ جج کي ثبوت هجڻ باوجود بچايو، امير يا سرندي پڄندي واري ماڻهو لاءِ قانون ٻيو ۽ غريب لاءِ ٻيو. سوشل ميڊيا تي ٿيل تجزين ۽راين بابت سمجھه ۾ نه آيو ته بغير ڪنهن ثبوت جي ايڏا وڏا الزام ڪنهن جي مٿان ڪيئن لڳائي سگهجن ٿا، مان پاڻ صحافي جي حيثيت سان پهرين ڏينهن کان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظر ثاني وارين درخواستن کي ڪور ڪيو ۽ اکين سان ڏٺو. پوري ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مڪمل طور هوشياري سان پاڻ کي سنڀالي جج جي ريمارڪس ۽ انهن جي سوالن جا جواب ڏنا،
هو جيڪڏهن جواب نه ڏئي ها ته شايد نظر ثاني جي درخواست تي فيصلو پنهجي حق ۾ نه وٺي سگهي ها. ان سڄي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهر واري سرينا عيسيٰ جنهن سمجهداري سان سوالن جا جواب ڏنا. ان ٻڌڻي دوران هڪ رخ اهو به سمجهه ۾ آيو ته جيڪڏهن مڙس سان وني گڏ هجي ته مڙس لاءِ ان کان وڏي ڳالھه ڪهڙي هوندي، هن ڪيس ۾ اهو نظر آيو ته سرينا عيسيٰ پنهجي مڙس جو ڀرپور نموني سان ساٿ ڏنو شايد ايئن چئجي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي اسٽيبلشمينٽ خلاف ويڙهه ڪرڻ جي همت به گهر واري ڏني جنهن ڪري هو ويڙهه لاءِ تيار ٿيو. عدالتي ٻڌڻي دوران سرينا عيسيٰ کوسو پنهجي موقف تي پهاڙ جيان قائم رهي. هر وقت پنهجي مڙس سان گڏ رهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نياڻي به ان موقعي تي پنهجي والد جي هڪ جونيئر وڪيل جيان مدد ڪندي رهي جيڪا به شيءَ والد کي يا والده کي دليلن دوران گهربل هئي اها سندن نياڻي فراهم ڪندي رهي.
نظرثاني درخواستن جي اثرن جي ڳالھه ڪجي ته ان جا اثر اسٽيبلشمينٽ لاءِ تمام ڏکيا هوندا. هن وقت ڪاميابي واري ڏاڪي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ موجود آهي ان ڪاميابي واري ڏاڪي تي بيهي ڪري سوچجي ته هاڻي ڪلين چٽ ملڻ کانپوءِ هو ڇا ڪري سگهي ٿو، هن وٽ ڪهڙا آپشن آهن. ڇا انهن درخواستن جي منظور ٿيڻ سان اسٽيبلشمينٽ وارا پريشان آهن يا نه. هاڻي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي طرف کان ته نه پر ڪنهن وڪيلن جي تنظيم کان عدليا يا ڪنهن جج کي اسڪينڊلائيز ڪرڻ واري مامري تي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڌار سان آئيني درخواستون داخل ڪرائي سگهجن ٿيون يا داخل ڪرايون وينديون ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪا به طاقتور ڌر عدليا کي اسڪينڊلائيز ڪرڻ جي طاقت نه ڪري سگهي. ان کان علاوه اها به ڪوشش ڪري سگهجي ٿي ته فيبروري 2019 ع تي فيض آباد ڌرڻي واري ڪيس تي عمل در آمد جي رپورٽ طلب ڪري سگهجي ٿي ۽ ان ڪيس ۾ جيڪي نظرثاني واري درخواستون داخل آهن انهن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرائڻ جي ڪوشش شروع ڪري سگهجي ٿي.
اهي ٻئي ڪوششون جيڪڏهن شروع ڪيون ويون ته اسٽيبلشمينٽ جيڪا نظرثاني درخواستن تي حڪومتي موقف کي رد ٿيڻ کانپوءِ پريشان آهي اها وڌيڪ پريشاني ۾ اچي ويندي ان جو سبب اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي وچ ۾ تڪرار جو سبب ئي فيض آباد ڌرڻي واري ڪيس جو فيصلو آهي. هن وقت تائين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي عھدي تان هٽائڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪيون ويون آهن ان ۾ اسٽيبلشمينٽ ناڪام ٿي چڪي آهي ان ڪري ايندڙ وقت اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڏکيو ثابت ٿي سگهي ٿو.