سچل سارو سچ

0
409

حق موجود نعري جو مؤجد، سنڌ جو سرموڙ صوفي شاعر حافظ عبدالوهاب المعروف حضرت سچل سرمست، سنڌ ۾ ان پيغام ۽ فڪر جو تسلسل آهي جنهن کي قاضي قاضن، حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري ۽ سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح پنهنجي شاعري ذريعي عام ڪيو. حضرت سچل سرمست رح جي شاعري جو بنياد توحيد، عشق رسول ڪريم صه ۽ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آهي. ڪٽرپڻي کان پاسو ڪرڻ آهي. سندس فڪر ۽ پيغام زمان و مڪان ۽ علائقائي قيدوبند کان آزاد آهي. لطيف سائين جيڪي ڳالهيون مام ۾ ڪيون آهن انهن رازن ۽ رمزن جو حضرت سچل سرمست رح کليل اظهار ڪيو آهي. جتي ڀٽائي گهوٽ سنڌ توڙي سنڌي ٻولي لاءِ پنهنجي اندر جو عرق نپوڙيو آهي اتي سچل سرمست رح به ساهي کڻڻ کان سواءِ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ پنهنجو پاڻ پتوڙڻ ۾ ڪائي ڪسر نه ڇڏي آهي. سندس ڪلام ۾ رندي رمزون ۽ بي باڪي هر هنڌ ڇلڪي رهي آهي ۽ سندس سرموڙ شاعري جو واضح دليل پيش ڪري ٿي. جيئن پاڻ فرمائن ٿا:
پاڻ وڃائي پاڻ، ڳولهي لهج پاڻ کي،
پاڻ منجھائي پاڻ کي پوندءِ ڄاڻ سڄاڻ،
مکڻ آکر هيڪڙو سوئي کير سنباڻ،
اِهو اٿئي اهڃاڻ ڳهلا انهي ڳالهه جو.
جڏهن انسان پنهنجي وجود کي مٽائي هوڏ ۽ هستي واري مقام کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏي ٿو ته کيس پنهنجي تن ۾ پرين جو پرتوو نظر اچي ٿو. ان نقطي کي وري سنڌ جي سرموڙ صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رح جن هن ريت بيان ڪيو آهي:
پيهي پروڙيم پاڻ، تان پنهون پاڻ ئي آهيان،
پاڻ منجھائين پاڻ کي، هي پڙلاءُ پيوم،
صحيح ڪن ڪيوم، ته غير گمان اٿي ويا.
انهي نقطي کي اڃان به وڌيڪ اجاگر ڪندي فرمائن ٿا:
جان پروڙيم پاڻ کي، تان آءٌ پنهون آهيان،
ڪنهن طرف ڪاهيان، جو طرف مڙوئي تم ٿيا.
جڏهن بندو پاڻ سڃاڻڻ واري مفهوم کي سمجھي وٺي ٿو ته سندس اندر اجري پوي ٿو ۽ ذات صفات جا ويڇا ۽ وٿيون سڀ ختم ٿي وڃن ٿيون. انهي رمز کي وري سرمست سائين هن طرح ونڊين ٿا.
مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان،
بجلي بادل سان، آهي جيئن سپرين.
پاڻ سڃاڻڻ سان بندي کي وحدانيت جي واٽ ملي وڃي ٿي، جڏهن وحدانيت ۽ رسالت جي بندي کي پرک پئجي وڃي ته پوءِ ان جي اڳيان حجاب جا سڀ پردا کڄي وڃن ٿا. کيس هر جڳهه هر هنڌ حق نظر اچي ٿو. اهڙي حق جو هوڪو ڏيندي حضرت سچل سرمست رح جن فرمائين ٿا:
ذات، صفات هڪائي، ڀول نه وجھين ڀولي،
سوئي اندر، سوئي ٻاهر، سوئي تنهنجي چولي،
تو ۾، مون ۾، هِن ۾، هُن ۾، هر جاءِ سچ سچل ٿو ٻولي
پوءِ حق سچ ٻولڻ ۾ جيڪڏهن زماني وارا کيس ملامت جو نشانو بڻائنيدي، ڪافر، مشرق، ملحد ۽ بي دينو چوندا رهن ٿا ته هو انهن جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي مقصد ۽ منزل ڏانهن وڌندو رهي ٿو. جنهن جو اظهار حضرت سچل سرمست رح هن ريت ڪن ٿا:
ڪوئي ڪيئن چوي، ڪوئي ڪيئن چوي
جوئي آهيان، آءٌ سوئي آهيان
ڪوئي مومن چوي، ڪوئي ڪافر چوي،
ڪوئي عالم چوي، ڪوئي جاهل چوي،
جوئي آهيان، آءٌ سوئي آهيان
ڪوئي خاص چوي، ڪوئي عام چوي،
ڪوئي سچو سچل نانءٌ چوي،
جوئي آهيان آءٌ سوئي آهيان!َ
هاڻي اسان تي اهو فرض آهي ته حضرت سچل سرمست رح جي ڏنل پيغام کي هينئن سان هنڊائي ان تي عمل ڪريون، ڇو ته سندس پيغام ۾ اسان کي وحدانيت جي واٽ، رسالت جي روشني، اهل بيت اظهار سان انسيت، صحابه ڪرام رضه سان همدردي، انسان ذات سان پيار، جنگ و جدل کان نفرت ٻڌي، ايڪي، ڀائيچاري، امن ۽ سلامتي جو درس ملي ٿو. آخر ۾ آءٌ حضرت سچل سرمست رح جي شان ۾ عقيدت جو اظهار ڪندي پنهنجا تحرير ڪيل چند اشعار پيش ڪندي مضمون کي پڄاڻي تي آڻيان ٿو.
آهي سچل سارو سچ،
تون رمز انهي ۾ رچ.
تنهن جو درس درزان ديرو آ، تنهن جو ڦيرو ڪڏهن نه ميرو آ،
ڪوئي ويرو هت نه اوير آ، هت هردم صبح سويرو آ.
تون موج انهي ۾ مچ،
آهي سچل سارو سچ.
تنهن جي در تي جيڪو ايندو آ، سو مور نه خالي ويندو آ،
تنهن جا ڏکڙا رب ڪٽيندو آ، تنهن جي دل جو مقصد ٿيندو آ.
هڪ وار رڳو تون اچ
آهي سچل سارو سچ
تنهن جو حق موجود نعرو آ، تنهن جو رستو وحدت وارو آ،
تنهن جو عرش مٿي اوتارو آ، تنهن جو سچل نانءُ نيارو آ
تون موج انهي ۾ مچ
آهي سچل سارو سچ.
تنهن جو “شرف” ڪيو رب اعليٰ آ، تنهن جو شعر سخن ٿيو بالا آ
جنهن جو حرف “حرف گلِ لالا آ، ڄڻ موتن جي ٿيو مالا آ.
جنهن سان قلب جو ڪور ڪچ
آهي سچل سارو سچ
حق موجود سدا موجود.