ڪشته ڪارڊ

0
262

جمعي جوڳي جي اڌ عمر ايئن ئي پنهنجي ابن ڏاڏن جيان رُلندي پِنندي گذري وئي پر پوءِ اوچتو هڪڙي رات ڇا ٿيو جو سندس خواب ۾ روءِ زمين جو بادشاهه سڪندرِ اعظم آيو ۽ کيس ننهن کان چوٽي تائين جاچي جوچي چيائين، “تون به بادشاهه ٿي سگهين ٿو.” جمعو جوڳي ڪشتو سيراندي ڏئي الوٽ لڳو پيو هو پر اهڙي خواب تي ڇرڪ ڀري جاڳي پيو.
اکيون مهٽي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين پر کيس سڪندرِاعظم بدران پنهنجي مائي، ۽ درجن کن ٻار ئي نظر آيا، جيڪي جهُڳي ۾ نانگن جون کاريون سيراندي ڪري سُتا پيا هئا. هن اٿي پاڻي جو ڪشتو پيتو ۽ وري ليٽي پيو. جيئن تيئن ڪري رات گذاريائين پر کيس ننڊ نه آئي. صبح ٿيو ته ٻارن جي ٻڙڌول ۾ کانئس ڪجهه ياد نه رهيو.
هو روز جيان گودڙي ڪلهي ۽ ڪشتو ڪڇ ۾ ڪري راڄن ڏي روانو ٿي ويو. سڄو ڏينهن رُلي پِني وري اچي جڏهن ساڳي ئي جاءِ سُتو ته وري ٻي رات به کيس ساڳيو ئي خواب آيو! جمعو جوڳي ٽپ ڏئي اٿيو. وري هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. پر وري به کيس سڪندرِاعظم بدران پنهنجي ئي لوڌ نظر آئي. جمعي جوڳي کي ان رات به ننڊ نه آئي. هن پاسا ورائي ورائي ڏينهن ڪيو. خير، ٻيو ڏينهن گذري وري جڏهن رات ٿي ته جمعي جوڳي کي لاڳيتو ٽين رات به ساڳئي ئي نموني روءِ زمين جو بادشاهه سڪندرِاعظم خواب ۾ آيو ۽ ساڳئي ئي نموني سان کيس ننهن کان چوٽي تائين جاچي جوچي چيائين، “تون به بادشاهه ٿي سگهين ٿو.”
جمعي جوڳي کي جڏهن ٽي راتيون مسلسل ساڳيو ئي خواب آيو ته نيٺ هن جو به بغل بتال ٿي پيو. اڌ ڊٺل جُهڳي ۾ ويٺي ويٺي هن کي ايئن ٿي نظر آيو ته ڄڻ هن جي مٿي تي بادشاهي تاج آهي. پاڻ تخت تي چڙهيو ويٺو آهي. آسي پاسي غلام آهن جيڪي مور پنک سان کيس هوائون پيا ڏين. سامهون وڏي درٻار لڳي پئي آهي، جنهن ۾ وزير مُشير ويٺا آهن. اهو تصور ايندي ئي هن پڪ ڄاتو ته، “ضرور ان ڳالهه ۾ ڪو ڳجهه آهي، نه ته مسلسل ٽي راتيون سڪندرِاعظم کي ڪهڙو لاچار هو جو اچي ها. آخر روءِ زمين جو بادشاهه هو.” رات وهامي ڏينهن مس ٿيو جو جمعو جوڳي ڪشتو ۽ گودڙي اتي ئي ڇڏي جهنگ منهن ڪري هڪڙي مهاپوڄاري وٽ وڃي پهتو ۽ ساڻس ويهي سموري حال حقيقت ڪيائين. مها پوڄاري پهرين احوال ٻڌو ۽ پوءِ سندس هٿ ڏسي زمين تي آڏا ابتا ليڪا پائي، وڏي رڙ ڪري چيو، “جمعا! تون بادشاهه ته ٿيندين پر ان لاءِ توکي وڏا ڪشالا ڪاٽڻا پوندا.” هن چيو، “ڇا تون تيار آهين؟”
جمعي جوڳي جو بادشاهه ٿيڻ جو ٻُڌو ته گگ ڳڙي پيس. هن هڪدم چيو، “جيڪڏهن بادشاهي ٿي ملي ته پوءِ آئون ڪجهه به ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان.”
جمعي جي هائوڪار تي مها پوڄاري وري زمين تي آڏا ابتا ليڪا پاتا ۽ کيس پنجين طرف اشارو ڪندي چيائين، “وڃ! ان طرف منهن ڪري نڪ جي سڌائي تي پوڻا پنجونجاهه ڪوهه هلندو رهه. پوءِ جيڪو ملڪ ايندو، اتي تون بادشاهه ٿي سگهين ٿو.” مهاپوڄاري چيس، “پر ٻُڌ، توکي وڏي صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ صرف اهو ئي واحد ملڪ آهي، جتي تون بادشاهه ٿي سگهين ٿو. ٻيو ڪٿي به تنهنجي دال ڳرندي نظر نٿي اچي جمعا!”
بس پوءِ جمعي جوڳي مُڙي پنهنجي جهڳي ڏي منهن ئي نه ڪيو، سڀ ڪجهه تياڳي نڪ جي سڌائي تي پنجين طرف هلڻ لڳو. هلندي هلندي نيٺ وڃي پنهنجي منزل تي پهتو. جمعي جوڳي ڏٺو ته ملڪ ۾ وڏو ٻڙڌول متل هو. هرڪو ٻئي کي لتاڙي اڳتي وڌندو ٿي ويو. ملڪي معيشت جو سمورو دارومدار چمچن، لوٽن ۽ بُوٽن جي پائيداري تي هو. جمعي کي اهو ڏسي به حيراني ٿي ته اتي چمچا، لوٽا توڙي بُوٽ بيجان نه هئا پر اهي جيئرا جاڳندا، ساهه کڻندڙ ۽ چُرپُر ڪندڙ جاندار هئا، نه رڳو ايترو پر اهي ڳالهائي ٻولهائي به سگهندا هئا. اهڙو عجيب و غريب ملڪ ڏسي هيڪر ته جمعي جوڳي جو وات پٽجي ويو. هڪ لمحي لاءِ ته کيس خيال آيو ته، ڀڄي جان ڇڏائي. هي ڳالهه ڳري آهي! پر وري کيس مهاپوڄاري جي صبر ۽ برداشت واري هدايت ياد آئي ۽ هن پنهنجي پاڻ کي حوصلو ڏيندي چيو، “جمعا! جوڳي مان بادشاهه ٿيڻ جي لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو ئي پوندو نه!”
بس پوءِ جمعو جوڳي لاهي پاهي لڳي ويو. پِنڻ جو ته هو اڳي ئي خانداني ماهر هو سو پِني سِني به چند چمچا پنهنجا ڪري ويو. جمعي جا ڀاڳ ڀلا جو کيس پِن تي به، پر چمچا ڪجهه چڱي نسل جا نصيب ٿي ويا جيڪي ڏسندي ئي ڏسندي ڪڻن مان ڪيچ ٿي ويا. اهڙي ريت جمعو جوڳي چمچن کان ويندي لوٽن کان ٿيندي ۽ بُوٽن تائين به وڃي پهتو. ان سموري سفر ۾ وِک وِک تي جمعي جوڳي کي اهو خيال ايندو رهيو ته، “ان کان چڱو آهي ته وڃي پنهنجي اها ئي جُهڳي وسائجي.” پر سندس جرئت ۽ همت کي جس آهي جو اهو خيال کيس ڪنهن به وِک تي ڏانوڻ وجهي نه سگهيو. سياڻا سچ ٿا چون ته محنت خدا چور جي به ڪونه ٿو وڃائي سو جمعي جوڳي کي به پنهنجي اٿاهه صبر ۽ بي انتها برداشت جو ڦل مليو ۽ هُو نيٺ هڪ ڏينهن ان ملڪ جو بادشاهه بڻجي ويو. بادشاهه بڻجڻ تي کيس ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عام خلق سميت، ناليوارن چمچن، لوٽن ۽ بُوٽن پاران به دل جي گِهراين سان مبارڪون مليون. ٻئي ڏينهن جون اخبارون جمعي جوڳي جي شهه سُرخين سان ڀريون پيون هيون. جمعي جوڳي کي اهو سڀڪجهه ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.
خير، جمعي جوڳي جي سڄي عمر جيئن ته پِنندي ئي گذري هئي سو هاڻي جڏهن بادشاهه ٿيو ته اچي ڳڻتي ورايس ته هاڻي ملڪ جو ڪاروهنوار هلائبو ڪيئن؟ نيٺ ٻي ڪا واهه نه ڏسندي جمعي جوڳي ڇا ڪيو جو پنهنجي سڀ کان وڌيڪ خيرخواه ۽ ڀروسي جوڳي چمچي کي ويجهو ڪري کيس سڄي حال حقيقت جيئن جو تيئن ٻڌائي ڇڏي. جمعي جوڳي جي وارتا ٻڌي، چمچي جي چهري تي ڪو ئي خاص تاثر نه اڀريو. ڄڻ هُن کي اڳ ئي خبر هجي سموري. چمچي همراهه کي حوصلو ڏيندي چيو، “توکي ڪرڻو اهو ئي آهي جيڪو تون اڳ ڪندو هئين.” چمچي صاحب کيس هڪ عمدي قسم جو ڪشتو پيش ڪيو ۽ واضح ڪري چيس، “توکي هي ڪشتو کڻي سڄي دنيا ۾ پِنڻو آهي ٻيو وري ڇا. هن ملڪ جو ڪاروهنوار هلي ئي پِن جي پئسن تي ٿو.”
اها ڳالهه ٻُڌي جمعي جوڳي جون وايون بتال ٿي ويون. هن سوچيو، اهڙي بادشاهي کان ته اها ڀينگ ئي ڀلي هئي. پر هاڻي ڏڌي ٿڻين پوڻي ڪانه هئي سو جمعي جوڳي به موٽڻ مهڻو ڄاڻي کڻي جي بسم الله ڪئي. جمعي جوڳي کي قوم کي پهريون خطاب ڪندي خبر ناهي ڪهڙو جنون جاڳيو جو هن هڪ عجب اعلان ڪيو، هن چيو ته، “مون اهو عزم ڪيو آهي ته آئون جيستائين قوم جي ٻچي ٻچي کي پاڻ جهڙو نه ڪندس، تيستائين سک سان ڪونه ويهندس.” اهو اعلان ٻُڌي چمچن، لوٽن ۽ بُوٽن ۾ ته ٿرٿلو اچي پيو پر عوام ۾ به سڀڪو پريشان ٿي ويو. ڪنهن کي سمجهه ۾ ڪونه آيو ته آخر بادشاهه سلامت، قوم جي ٻچي ٻچي کي بادشاهه ڪيئن ڪري سگهندو؟
پر جمعي جوڳي ڇا ڪيو جو پنهنجي نالي سان قوم جي مردن توڙي ماين ۾ “ڪشته ڪارڊ” ورهائي ڇڏيو. اهو ڏسي اتي جي چمچن، لوٽن ۽ بُوٽن کي به ٽشاپر اچي وئي ۽ عوام جو به شوق پورو ٿي ويو. هاڻي اتي ماين توڙي مردن جي هٿن ۾ ڪشته ڪارڊ آهن ۽ سڀني جو پِن تي سندرو آهي. ٻين لفظن ۾ اتي جو هر ماڻهو بادشاهه آهي.