ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه سان محبت جو اظهار ڪندڙ هڪ ٻي ناري جي ويڊيو وائرل ٿي وئي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ ناري پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي جرسي پهري چئي رهي آهي پاڪستان جي ڪارڪردگي گهڻو مايوس ڪيو. ويڊيو ۾ اڳتي هلي اها ناري قومي ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر سان محبت جو اظهار ڪندي چوي ٿي ته نسيم منهنجي محبت آهي، مان ساڻس پيار ڪريان ٿي. ناري اهو پڻ چيو ته نسيم شاهه کي ڪيئي ميسجز ڪيا پر هن هڪ جو به جواب ناهي ڏنو، مان پوءِ به اهو ئي چونديس ته هن زبردست راند جو مظاهرو ڪيو.