ڪولمبو(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره اروشي روٽيلا بعد سريلنڪا جي اداڪارا به پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه جي مداح نڪتي. اداڪاره يهالي تاشيا انسٽاگرام تي نسيم شاهه جي وڊيو شيئر ڪئي. وڊيو تي ڪو ڪيپشن نه لکيو ويو آهي پر ايموجيز وسيلي پنهنجي پسند ۽ جذبن جو اظهار ڪيو ويو آهي. مدو پورو ٿيڻ بعد اها وڊيو ڊليٽ ٿي وئي آهي ۽ هاڻ موجود نه آهي.