ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 7 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 20 سيپٽمبر کان ڪراچي ۾ شروع ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ ڪراچي پهچي رهي آهي. جنهن لاءِ حفاظتي انتظامن کي آخري شڪل ڏني وئي آهي. ٽيم جو ڪپتان جوز بٽلر اڄ منجهند جو 2 وڳي پريس ڪانفرنس به ڪندو. انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي پريڪٽس شيڊول جو اعلان به ڪيو ويو آهي. انگلينڊ جي ٽيم جو پهريون پريڪٽس سيشن جمعي جي شام ٿيندو جڏهن ته ڇنڇر تي پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون پريڪٽس ڪنديون. پهرين ٽي 20 ميچ 20 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾، ٻي به 22 سيپٽمبر، ٽين 23 سيپٽمبر ۽ چوٿين 25 سيپٽمبر تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ئي ٿيندي. جڏهن ته آخري 3 ميچون 28 ۽ 30 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيون وينديون.