لاهور: (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق کي به قومي ٽيم ۾ تبديلين جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. هن شعيب ملڪ، شان مسعود ۽ شرجيل خان کي موقعو ڏيڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. لاهور ۾ هڪ تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي انضمام الحق چيو ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر ناهي رهي. وڌيڪ ڳڻتي ان ڳالهه جي آهي ته مڊل ارڊر پرفارم نه ڪيو. آسٽريليا ۾ ورلڊ ڪپ جي ڪنڊيشن به مختلف هوندي. ان کي نظر ۾ رکندي سليڪٽرز کي تبديليون ڪرڻ گهرجن. منهنجي خيال ۾ شعيب ملڪ، شان مسعود ۽ شرجيل خان کي موقعو ڏيڻ گهرجي. خاص طور تي مڊل آرڊر ۾ شعيب سٺو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته بينچ تي حيدر علي ويٺل هو، ايشيا ڪپ ۾ ان کي موقعو ڏيڻ گهرجي ها، جنهن کي موقعو ملڻ گهرجي جيڪڏهن اهي پرفارم نه ڪري سگهيا ته انهن جي جڳهه کي ٻين کي اچڻ گهرجي. انگلينڊ سان هوم سيريز ورلڊ ڪپ لاءِ پلاننگ ۽ تياري مڪمل ڪرڻ جو سٺو موقعو آهي. آسٽريلوي ڪنڊيشن لاءِ بهترين رانديگرن جي چونڊ ڪري انهن کي کيڏايو.