اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ڪينيا ۾ قتل ٿيل سينيئر صحافي ارشد شريف جي واقعي جي 3 رڪني انڪوائري ڪميشن قائم  ڪري ڇڏي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 3 رڪني انڪوائري ڪميشن جي سربراهي جسٽس (ر) عبدالشڪور پراچه ڪندو ان ڪميشن ۾ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل آءِ بي عمر شاهد حامد ۽ ڊاڪٽر عثمان انور به شامل هوندا. گهرو وزارت ڪميشن ٺاهڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.