اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس 3 نومبر خميس تي طلب، ايوان صدر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس 3 نومبر تي طلب ڪيو آهي، اجلاس شام جو 4 وڳي پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو، ذريعن مطابق وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي جو اجلاس پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي سامهون رکي طلب ڪيو آھي قومي اسيمبلي جي اجلاس کي لانگ مارچ جي خاتمي تائين جاري رکڻ تي غور ٿي رهيو آھي.