اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر يوسف رضا گيلاني جي نااهلي جو ريفرنس رد ڪري ڇڏيو ، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي نااهلي جي ريفرنس تي رولنگ ڏيندي لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ چيو ته ان مٿان لڳايل الزام قومي اسيمبلي جي ميمبر طور ۽  اڳوڻي وزيراعظم طور لڳايا ويا آهن، سينيٽر ٿيڻ بعد ريفرنس جو جواز نٿو ٺهي جنهن ڪري ريفرنس کي رد ڪيان ٿو، ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعظم سواتي يوسف رضا گيلاني جي نااهلي لاءِ ريفرنس سينيٽ چيئرمين وٽ جمع ڪرايو هو، جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني تي وزيراعظم هجڻ وقت توشا خانا مان قيمتي گاڏيون آصف زرداري ۽ نواز شريف کي ڏيڻ جو الزام لڳائيندي نا اهلي جو مطالبو ڪيو ويو هو.