نيروبي (م ڊ) پاڪستاني جاچ ٽيم طرفان ڪينيا ۾ ارشد شريف جي موت جي جاچ جاري آهي. جاچ ٽيم جي ميمبرن فارئنگ سبب متاثرن، اول ٽيپيسي فارم، واقعي واري هنڌ ۽ ڊنر واري جاءِ جو دورو ڪيو، شروعاتي جاچ جي روشني ۾ واقعي واري هنڌ سموري واقعي جي ريهرسل پڻ ڪئي وئي. ذريعن موجب جنهن لاج ۾ ڊنر ڪيو ويو اتي ڪائي سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳل نه هئي، لاج واري علائقي بجلي به جنريٽر ۽ متبادل نظام ذريعي فراهم ڪئي ويندي آهي. پاڪستاني جاچ ٽيم کي ڪينيا اختيارين به تفصيل فراهم ڪيا جڏهن اختيارين واقعي واري ڏينهن ارشد شريف سان گڏ موجود خرم احمد کان به تفصيلي پڇاڳاڇا ڪئي. خرم احمد جاچ آفيسرن جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ کان اول ٽيپيسي فارم 22 ڪلوميٽر آهي ۽ گهڻي قدر رستو ڪچو آهي، محسوس ٿيو ته فائرنگ کانپوءِ به منهنجي پيڇو ڪيو پيو وڃي جنهن تي گاڏي ڀڄائي، اوچتو فائرنگ ٿيڻ سبب گهٻرائجي ويو هئس، واقعي جي فوري بعد ڀاءُ وقار کي ڪال ڪئي جنهن تي وقار اول ٽيپيسي فارم پهچڻ جو چيو . وقار احمد پنهنجي بيان ۾ چيو ته خرم جي ڪال آئي ۽ هن گاڏي تي فائرنگ واري واقعي بابت ٻڌايو،ڪال ايندي ئي مان به اول ٽيپيسي فارم ڏانهن نڪري پيس، رستي ۾ ڪينيائي پوليس ۽ پاڪستاني دوست کي تفصيل ٻڌايا، اول ٽيپيسي فارم پهتس ته ارشد شريف جو لاش گاڏي ۾ موجود هو، ان وقت تائين گاڏي تي پوليس طرفان فائرنگ جو شڪ نه هو، پنهنجي پهچڻ کانپوءِ ڪينيائي پوليس جا آفيسر پڻ پهتا ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪيا.