حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ پاڻي جي سخت کوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ارسا کي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ڪرڻ ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي کي پاڻي جي معاملن ۾ بدانتظامي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس حيدرآباد ۾ سينيئر نائب صدر سيد نديم شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، تاج الدين شاهه راشدي، مهتاب لنڊ، عامر بهزاد ميمڻ، مصطفيٰ نواز شاهه، حسين علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪجهه آبادگار وڊيو لنڪ ذريعي به اجلاس ۾ شريڪ رهيا. اجلاس ۾ سنڌ اندر پاڻي جي سخت کوٽ واري صورتحال جو جائزو وٺندي موقف اختيار ڪيو ويو ته موسمي حالتن جي ڪري پاڻي جي قدرتي کوٽ پيدا ٿي آهي پر ارسا پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ڪئي جنهن سبب سنڌ ۾ وڏي پئماني تي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ۽ آبادگار پنهنجا فصل پوکي نه سگهيا ان ڪري ارسا ئي پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ جي ذميوار آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پوري ملڪ ۾ وونئڻن جي پوکي سڀ کان پهرين ڏکڻ سنڌ ۾ ٿيندي آهي ان ڪري سنڌ ۾ وونئڻن جي پوک مهل سنڌ کي پنجاب جي حصي مان به پاڻي ڏئي ان جي گهرج پوري ڪئي وڃي ها ۽ پوءِ پنجاب کي ان جي پوک لاءِ گهربل پاڻي ميسر ڪيو وڃي ها پر پاڻي تقسيم ڪندڙ اداري ارسا اها ذميواري پوري نه ڪئي. انصاف ڀري ورڇ نه ٿيڻ جي ڪري ڪمزور ۽ پڇڙيءَ جا آبادگار سخت متاثر ٿي رهيا آهن. آبپاشي کاتي جي انتظاميا کان مطالبو آهي ته پاڻي جي تقسيم جو ٻٽو معيار ختم ڪري پڇڙيءَ جي آبادگارن کي به پاڻي فراهم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ آبادگار بورڊ جا نمائندا صوبي جي مختلف علائقن جا اوچتا دورا ڪري اتان جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي صورتحال جو جائزو وٺندا. اجلاس ۾ سارين جي پوک تي پابنديءَ واري پاليسيءَ تي تنقيد ڪندي چيو ويو ته اهي علائقا جن ۾ گذريل 70 سالن کان گهڻي ڀاڱي رڳو سارين جي پوک ٿئي ٿي اتي ان پوکي تي پابندي جو ڪو به جواز نه آهي. ان پاليسي سان آبادگارن کي فائدي بدران معاشي نقصان ٿيندو. اجلاس ۾ گهر ڪئي وئي ته جن به شاخن ۽ واهن سان لاڳاپيل علائقن ۾ سارين جي پوک تي پابندي لڳائي وئي آهي انهن علائقن کي چٽو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت طرفان وفاقي حڪومت جي سهڪار سان آبادگارن کي ڀاڻ ۽ دوائن تي سبسڊي ڏيڻ ۽ وفاقي حڪومت طرفان ڪسان ڪارڊ جاري ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي گهر ڪئي وئي ته ڀاڻ تي سبسڊي ڪمپنين معرفت بدران سڌي ريت آبادگارن کي ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ به ڪسان ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ پائليٽ پروگرام شروع ڪيو وڃي. اجلاس ۾ غيرمعياري ٻجن واري معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته غير معياري ٻجن جي واهپي سان نه رڳو آبادگارن کي مالي نقصان ٿئي ٿو پر اهي ٻج خوراڪ جي تحفظ لاءِ پڻ وڏو چئلنج بڻيل آهن. ان معاملي ۾ فيڊرل سيڊ سرٽيفڪيشن اينڊ رجسٽريشن ڊپارٽمينٽ کي پنهنجو ڪرادار ادا ڪرڻ گهرجي. اجلاس دوران گھوٽڪي ضلع جي آبادگارن ٻڌايو ته ضلع گهوٽڪي ۾ اسڪارپ جا 1200 ٽيوب ويل آهن جن مان اڪثر ٽيوب ويل خراب حالت ۾ آهن ۽ جيڪي ٽيوب ويل هلندڙ آهن انهن کي پوري بجلي فراهم نه پئي ڪئي وڃي جنهن ڪري آبادگارن کي انهن ٽيوب ويلن ذريعي ڪو به فائدو حاصل نٿو ٿئي. اجلاس ۾ گهر ڪئي وئي ته خراب ٽيوب ويل ٺهرايا وڃن ۽ هلندڙ ٽيوب ويلن کي بجلي فراهم ڪئي وڃي.