اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اپوزيشن کي نااهل، نالائق قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان مقدر جو سڪندر آهي جو کيس نااهل مخالف ڌر ملي آهي، جهانگير ترين جو سڄو گروپ بجيٽ ۾ ووٽ ڏيندو، وفاقي حڪومت کي ڪو خطرو ناهي، اهڙو اظهار ڪالهه هن هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ڪورونا جهڙي آدم خور بيماري جو عمران خان جي قيادت ۾ مقابلو ڪيو، اسان کي ان کان وڏو احتياط ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ عمران خان خلاف ڪا اپوزيشن نه ڏسي رهيو آهيان، هي نااهل، نالائق، بيڪار ۽ ٿڪل اپوزيشن آهي، اهڙي اپوزيشن مون ڪڏهن ناهي ڏٺي، 11 جون تي بجيٽ پيش ڪري رهيا آهيون، پوري اميد آهي ته عمران خان پينشنرن جي پينشن ۽ مزدورن جي پگهارن ۾ اضافو ڪندو، نواز شريف حڪومت کي گوري ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، عمران خان کي ان تي وڏو ڏک آهي، پر شهباز شريف کي اسان روڪيو آهي، 15 ڏينهن جو مدو گذري ويو آهي، اي سي ايل ۾ نالي بابت شهباز شريف جي ڪا درخواست نه ملي آهي.