پشاور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان 25 مئي تي لانگ مارچ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته قوم 25 مئي ٽپهري جو ٽين وڳي تائين اسلام آباد جي سري نگر شاهراهه تي پهچي، جيستائين اسيمبليون ٽوڙي شفاف چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويندو اسان اسلام آباد ۾ ئي رهنداسين، مردن، عورتن،  نوجوانن، فوجين جي خاندانن سڀني کي دعوت آهي ته هو هن حقيقي آزادي مارچ ۾ شريڪ ٿين، فوج نيوٽرل رهي آهي ته هن مارچ ۾ به نيوٽرل ئي رهي، اسان هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. تحريڪ انصاف جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس ڪالهه پشاور ۾ ٿيو جنهن ۾ لانگ مارچ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس بعد پريس بريفنگ ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته ڪور ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا لانگ مارچ 25 مئي تي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، 25 مئي تي ٽپهري جو 3 وڳي اسلام آباد جي شاهراهه ڪشمير تي ملنداسين. هن چيو ته پاڪستان خلاف پرڏيهي سازش آمريڪا کان ٿي، هنن هتان جي ماڻهن کي حڪومت جي تبديلي لاءِ پاڻ سان ملايو جيڪي ملڪ جا ڪرپٽ ترين ماڻهو هئا. جون 2021ع کان سازش جي خبر پوڻ شروع ٿي وئي هئي پر آگسٽ کان سمجهي ويس ته ڇا  ٿي رهيو آهي. اها سازش منهنجي حڪومت خلاف نه پر پاڪستان خلاف ڪئي وئي ۽ ان ۾ اهي ماڻهو شامل ٿيا جيڪي پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ چاهين پيا. سازش ڪامياب نه ٿئي ها پر بدقسمتي هئي ته اسان ڪوششون ڪرڻ باوجود سازش کي روڪي نه سگهياسين. 7 مارچ 2022ع تي واشنگٽن جي آفيشل ميٽنگ ۾ آمريڪي انڊرسيڪريٽري ڌمڪي ڏئي ٿو ته عمران خان کي بي اعتمادي رٿ سان نه هٽايو ويو ته سنگين نتيجا نڪرندا، هٽايو ته توهان کي معاف ڪيو ويندو. ٻئي ڏينهن بي اعتمادي جي رٿ اچي ٿي، اسان جا اتحادي ڇڏي ٿا وڃن، آمريڪي عملدار اسان جي پارٽي جي ميميبرن سان به ملن ٿا، حڪومت کي تڏهن هٽايو ويو جڏهن ملڪ جي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو هئي، ايتري ترقي ملڪ ۾ تمام گهٽ ٿي هئي، هارين لاءِ سڀ کان بهترين ٽائيم هو. رڪارڊ فصل ٿيا. هارين کي رڪارڊ پئسا مليا، پاڪستان ۾ ننڍي کنڊ مان سڀ کان گهٽ بيروزگاري هئي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ روزگار هو، ملڪ هر طريقي سان اڳتي وڌي رهيو هو، عمران جا مائٽ عهدن تي نه هئا، پاڪستان مشڪل وقت مان نڪري آيو هو، اسان کي ڏيوالو نڪتل ملڪ مليو، پر اسان ان کي ٽريڪ تي آڻي وياسين ۽ معاشي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ٿي چڪي هئي.  هن چيو ته روس جو دورو سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي صلاح سان ڪيو هو پر هتان به سازش ڪئي وئي ۽ ٻڌايو وڃي ته عمران اڪيلو فيصلو ڪري روس ويو هو. هن چيو ته اسان جي ملڪ خلاف سازش ڪئي وئي، اسان کي ڌمڪيون ڏئي اسان جي توهين ڪئي وئي ۽ 22 ڪروڙ عوام جي چونڊيل وزيراعظم کي هٽايو ويو، ان سازش تحت جن ماڻهن کي ٿاڦيو ويو اهي نااهل آهن، هو فيصلا نه پيا ڪري سگهن. اسان ڪنهن به صورت ۾ هن حڪومت کي تسليم نه ڪنداسين، اسان جو مطالبو آهي ته اسيمبليون ٽوڙي چونڊن جي تاريخ ڏيو، هي سياست نه پر هي جهاد آهي، پاڪستان جي حقيقي آزادي جي جنگ آهي. هن چيو ته فوج کي به چوان ٿو ته اسان اهو چاهيون ٿا ته اسيمبليون ٽوڙيون وڃن ۽ صاف شفاف چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي، پوءِ قوم چورن کي آڻڻ چاهي ٿي ته بيشڪ وٺي اچي پر ڪو ٻاهريون ملڪ هنن کي اسان تي نه ٿاڦي. هن چيو ته ڀارت روس کان سستو پيٽرول خريد ڪري عوام لاءِ تيل سستو ڪيو آهي، اسان کي به 30 سيڪڙو سستو تيل خريد ڪرڻو هو، پاڪستان کي ان مان فائدو آهي، اسان غلامن کي آمريڪا اجازت نه ڏني ته سستو تيل يا سستي ڪڻڪ خريد ڪريون، مون آزاد پرڏيهي پاليسي جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ٻي اها توهين ڪئي وئي ته ڪرپٽ ترين ماڻهن کي آندو ويو، 22 قتل ۽ منشيات ڪيس ۾ موت جي سزا مليل کي گهرو وزير بڻايو ويو، وزيراعظم کي سزا ملڻي هئي، 24 اربن جو ڌاڙو هنيو ويو، ان ڌاڙي جي جوابدارن کي وزيراعظم ۽ وڏو وزير بڻايو ويو، ڇا اسان غلام قوم آهيون جو جڏهن جيڪو چاهي حڪومت کي هٽائي ۽ حڪومت ۾ آڻي؟ هنن مشرف دور ۾ ڪيس معاف ڪرائڻ بعد 10 سالن ۾ وري ڪرپشن ڪئي آهي ان جا ڪيس آهن اسان ته رڳو شهبازشريف تي مني لانڊرنگ جو مقصود چپڙاسي جو ڪيس ٺاهيو، هن چيو ته هنن کي رڳو پرڏيهي پاڪستانين جا ووٽ ختم ڪرڻا آهن. هن چيو ته اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪري رهيا آهيون رڳو پي ٽي آءِ کي نه پر هر شعبي جي ماڻهن کي دعوت ڏئي رهيو آهيان، هارين، شاگردن، نوجوانن ايڪس سروس مين، پٿاري وارن کي سڀني کي دعوت ڏئي رهيو آهيان ته هو حقيقي آزادي جي مارچ ۾ شرڪت ڪن. هي چور حڪمران رهيا ته سمجهي وڃو ته نوجوانو توهان جو ڪو مستقبل نه آهي. هن چيو ته دنيا جا غريب ملڪ وسيلن جي گهٽتائي نه پر ڪرپشن جي ڪري غريب آهن، چين 450 طاقتور وزيرن کي جيلن ۾ وجهڻ سان اڳتي وڌيو آهي، اڄ انصاف جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن، ساڍا ٽي سال مون کي بليڪ ميل ڪيو، اين آر او وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، نيب قانون ۾ 34 ترميمون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻ پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪري رهيا آهن. هن اعلان ڪيو ته 25 مئي تي لانگ مارچ ٿيندو ۽ اسلام آباد جي ڪشمير هاءِ وي تي پهچنداسين، عورتن کي به دعوت آهي، جيتري ڪاوڙ عورتن ۾ آهي اوتري اڳ ڪڏهن به نه هئي، هي سياست نه پر جهاد آهي، اسان جيل وڃڻ ۽ جان جون قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جيتري دير رهڻُو پيو اسلام آباد ۾ رهنداسين، اسان کي چونڊن جي تاريخ کپي ۽ اسيمبليون ٽوڙيون وڃن، ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون کپن. قوم ڀلي هنن چورن کي آڻڻ چاهي ٿي ته آڻي، پر ڪا ٻاهرين طاقت هنن کي نه آڻي. هن چيو ته آئون سڀني کي دعوت ٿو ڏيان، منهنجي 26 سالن جي سياست پرامن رهي آهي، ان دوران اسان نه ڏڦيڙ جي ڪوشش ڪئي نه ڪنهن کي ڪرڻ ڏني آهي هن چيو ته اسان نه ڏڦيڙ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ نه ڪنداسين، اسان جي جلسن ۾ عورتون، ٻارن سميت هر طبقي جا ماڻهو ايندا آهن پرامن احتجاج ڪيو ويندو، اها پاڪستان جي حقيقي آزادي جي جنگ آهي، سياست ناهي جهاد آهي ان لاءِ هر آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيون، جڏهن ملڪ ۾ آزادي کسڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جان جي ڪا اهميت ناهي. هن چيو ته ماڻهو هر هر چوندا آهن ته جان کي خطرو آهي، جان کي ڪو خطرو ناهي، اهو الله جو ڪم آهي، اهو ان جو حڪم آهي، مٿان واري جو اسان کي حڪم آهي ته جڏهن ملڪ ۾ ناانصافي هجي يا ڪو توهان جي آزادي کسڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کان بهتر موت آهي، بجاءِ ان جي جو غلام بڻجو.هن بيوروڪريسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪامورا شاهي اسان جي پرامن احتجاج خلاف ڪا غلط ڪارروائي ڪئي ته اهو غيرقانوني هوندو ۽ اسان توهان جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين، پوليس، بيوروڪريسي فوج اهي سڀ اسان جا پنهنجا ادارا آهن، هي انهن خلاف ڪا ڪارروائي نه آهي، اهي عوام خلاف نه آهن، اسان کي ڪا ڀڃ ڊاهه ناهي ڪرڻي. هن چيو ته فوج کي به چوان ٿو ته نيوٽرل آهيو ته توهان چيو ته توهان نيوٽرل آهيو ته هن ۾ به نيوٽرل رهو. هي ملڪ جي سلامتي ۽ آزادي لاءِ آهي. هن ڇيو ته هي حڪومت اسان جي مارچ ۾ رڪاوٽون وجهندي، جئين انٽرنيٽ، پيٽرول بند ڪندا ٻين طريقن سان ڏکيائيون پيدا ڪري سگهن ٿا ان لاءِ توهان ماڻهو هر طرح سان تيار ٿي اسلام آباد لاءِ نڪرو. هن چيو ته فوج جي خاندانن کي به شرڪت جي دعوت آهي، 25 مئي تي سري نگر روڊ تي منتظر رهندس، اڳواٽ نڪري اچو.