پشاور(م ڊ) پريس ڪانفرنس کان اڳ عمران خان کي فون اچي ويو، شاهه محمود قريشي جي موبائل تي فون آيو ته هن اهو نمبر عمران خان کي ڏيکاريو، عمران خان مسڪرائي چيو ته بند ڪري ڇڏيو. هي سڀ ان سان ڊسٽرب ٿي رهيا آهن. شاهه محمود قريشي فون بند ته نه ڪيو پر ڳالهايو ۽ چيو ته سڀ ڊسٽرب ٿي رهيا آهن عمران خان چوي ٿو فون بند ڪري ڇڏيو. جنهن بعد فون بند ڪيو ويو ۽ عمران خان پريس ڪانفرنس شروع ڪئي. فون ٻڌڻ بعد شاهه محمود قريشي عمران کي چيو ته چئي رهيا آهن ته ٽريپ ڪري ڇڏينداسون، جنهن تي عمران خان چيو ته ڪرڻ ڏيون.