ٽنڊو محمد خان (رپورٽر )  سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر، سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ضلعي رابطه سيڪريٽري آغا جان آغا سان رهاڻ رچائي کيس بهترين علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض مير غلام الله ٽالپر لٽرري گولڊ ميڊل ايوارڊ ۽ سنڌي ادبي سنڌي ادبي سنگت مڃتا ايوارڊ 2023ع سان نوازيو ويو. رهاڻ ۽ ايوارڊ واري تقريب کي سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦۡل خطاب ڪندي چيو ته آغا جان آغا هڪ بهترين تخليقڪار، سنڌي ادبي سنگت جو هڪ ذميدار عهديدار ۽ متحرڪ ڪردار آهي،  سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ شاهد آهي ته جيڪي عهدن جي پويان ڀڳا، اهي اهي مانۡ ۽ مرتبو نه ماڻي سگهيا. هن چيو ته اسان اڃا تائين به سنڌي ادبي سنگت جي هڪ ٿيڻ واري خواهش تان هٿ ناهي کنيو، اسان ڀڃ ڊاهه واري عمل بجاء هميشه تعميري سوچ جو مظاهرو ڪيو آهي، اسان اڃا به مثبت انداز ۾ تعميري روين جا منتظر آهيون ۽ سنڌي ادبي سنگت جي عزت ۽ وقار کان مٿي اسان لاء ڪا به شيءّ ناهي، هن چيو توڙي جو اسانکي ڊجيٽل آدمشماري تي خدشا ضرور آهن پر آدمشماري ۾ اسانکي پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪندي ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکرائڻ لاء اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، شاعر آغا جان آغا چيو ته سنڌي ادبي سنگت ئي اسانجي حقيقي سڃاڻپ آهي، جنهن اسانکي هرهنڌ مانۡ ۽ مرتبو ڏياريو آهي. تقريب کي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي اعظم ڀٽي، پروفيسر مٺل جسڪاڻي، مير ڪاظم رضا ٽالپر، خاڪي جاني، آغا ظفر، محبوب سنڌي، عبدالرسول عباسي، قاضي مقصود احمد، ۽ ٻين به خطاب ڪيو. راڳي جان محمد لغاري ۽ افضل قريشي خۡوبصورت ڪلام جهۡونگاري تقريب ۾ وڌيڪ رونق بخشي.