سنڌڙي (ن پ ا) اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي وڇڙي 30 سال ٿي ويا، ان ڏس ۾ محمد خان جوڻيجو جي 30هين ورسي سادگي سان سندس اباڻي ڳوٺ خانصاب دين محمد جوڻيجو لڳ سنڌڙي ۾ ۾ ملهائي وئي، ورسي ۾ سندس ويجھا دوست ۽ خاندان جا فرد شامل ٿيا، ان کان اڳ خاندان جي فردن ۽ دوستن سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري، جڏهن ته قرآن  خواني پڻ ڪرائي وئي.