ميھڙ(ن پ ا) تعلقي سوڀوديرو تعلقي جي ڳوٺ چڪر وارياسو جا رھواسي نوجوان ناري ناديه مڱڻيجو ۽ عبدالمجيد مڱڻيجو گھران نڪري خيرپور ناٿن شاھ ۾ پيار جي شادي ڪري ڇڏي آھي جنهن بعد جوڙي دادو عدالت ۾ به تحفظ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آھي پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو ميھڙ ۾ پھچي احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانھيندي ناري ناديہ مڱڻيجو چيو تہ مائٽ مون کي 5 لک روپين عيوض وڪرو ڪري  ھڪ نشي جي موالي بابو ڪوري سان زبردستي پرڻائڻ چاھين پيا جنھن بعد مان پنھنجي مرضي سان گھران نڪري پنھنجي مائٽ عبدالمجيد مڱڻيجو سان مرضي موجب شادي ڪئي آھي. اسان کي تحفظ ڏنو وڃي