ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار جمي شيرگل کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. جمي شير گل بالي ووڊ جي ڪيترن ئي فلمن ۾ ادا ڪيو آهي جن ۾ ’محبتين‘ ، ’دل هي تمھارا‘ ، ’منا ڀائي ايم بي بي ايس‘ ۽ ’اسپيشل 26‘ شامل آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق پنجاب جي شهر لڌيانه جي هڪ اسڪول ۾ فلم جي شوٽنگ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري هئي، جنهن تي پوليس اچي شوٽنگ بند ڪرائي ڇڏي ۽ ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي تي ٽيم کي وارننگ جاري ڪئي. وارننگ جي باوجود ، اداڪار ۽ هن جي عملي جا ميمبر رات جي ڪرفيو دوران به اسڪول ۾ شوٽنگ ڪندا رهيا.