لاهور(شوبز نيوز)مشهور ڪاميڊين غفار لهري جو چوڻ آهي ته اميرن جي ٻارن لاءِ الڳ ۽ غريب جي ٻارن لاءِ الڳ ايجوڪيشن سسٽم ڇو آهي؟مشهور ڪاميڊين جو چوڻ آهي ته نوجوان ڪنهن به ملڪ جو روشن مستقبل هوندا آهن پر اسان تعليم جو ٻٽو معيار قائم ڪري شاگردن کي ٻن حصن ۾ ورهائي رهيا آهيون بلڪه پنهنجي قوم جي فيوچر سان کيڏي رهيا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي ڪري ملڪ جا تعليمي ادارا ڪافي وقت کان بند آهن ان جي باوجود به والدين ٻارن جي فيس ڀري رهيا آهن آخر ڇو؟ ڇا ان ڇو جو جواب ملندو؟غفار لهري چيو ته ڪورونا سبب غريب جي مالي حالت نهايت خراب آهي، شوبز جي ماڻهن جو حال به چڱو ناهي، مون به سموري زندگي شوبز کي ڏئي ڇڏي پر 15 مهينن کان بيروزگار آهيان،اهڙي صورتحال صرف مونسان نه پر ٻين سان به آهي. هن چيو ته حڪومت کان مطالبو آهي ته عيد جي موقعي تي فنڪارن لاءِ ڪنهن پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي ته جيئن خوشي جي اهڙي موقعي کي سٺي طريقي سان ملهائي سگهجي.