اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي مقامي عدالت ادارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل خلاف فرد جرم جي ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر 20 جنوري تائين ملتوي ڪندي پيش نه ٿيڻ تي شريڪ جوابدار عماد يوسف جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا ادارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، شهباز گِل ايمبولنس ۾ عدالت ۾ پهتو، ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي ۽ شهباز گِل جي وڪيل برحان معظم عدالت ۾ پيش ٿيو، شريڪ جوابدار عماد يوسف جي وڪيل عماد يوسف جي استثنيٰ جي درخواست داخل ڪندي ٻڌايو ته عماد يوسف کي مليريا  ٿي ويو آهي، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو ته واريون لڳيون پيون آهن، شهباز گِل ايمبولنس تي لاهور  کان آيو آهي ۽ عماد يوسف ڪراچي کان ناهي آيو، ان موقع تي عماد يوسف جي وڪيل ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جڏهن ته شهباز گِل جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شهباز گِل ٻاهر ايمبولنس ۾ موجود آهي،ايمبولنس تان نه ٿو لهي سگهي، ماسڪ لڳل اٿس، عدالت شهباز گِل جي حاضري لڳائي ڇڏي، شهباز گِل جي وڪيل چيو  ته پراسيڪيوٽر صاحب بيمار ماڻهو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرائي ڇڏيندو آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته هي معاملو لٽڪايو پيو وڃي. بعد ۾ عدالت پيش نه ٿيڻ تي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض عماد يوسف جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 20 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.