ڪراچي: (م ڊ) اليڪشن ڪميشن جي حڪمن تي عهدن تان هٽايل ضلعي ايڊمنسٽريٽرز چارج ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ايڊمنسٽريٽرز کي اليڪشن ڪميشن جي چونڊن کان اڳ ٽرانسفر نه ٿيڻ جي قانون تحت هٽايو ويو هو. ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري ۽ هٽائڻ جا نوٽيفڪيشن سنڌ جي مڪاني کاتي طرفان جاري ڪيا ويا هئا.