ڪابل (م ڊ) برطانوي شهزادي هيري جي 25 افغانين کي قتل ڪرڻ واري بيان تي انس حقاني جو رد عمل سامهون اچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب  برطانوي شهزادي هيري پنهنجي آتم ڪٿا ”سپيئر“ ۾  25 افغانين کي قتل ڪرڻ جو اقرارڪيوآهي. 38 سالن جي ڊيوڪ آف سسيڪس پنهنجي ڪتاب ۾ ظاهر ڪيو آهي ته افغانستان ۾ پائليٽ جي حيثيت سان 6 مشنز ۾ حصو ورتو جيڪي ماڻهن جي قتلِ عام جو سبب ٿيون. هيري موجب افغانستان ۾ پنهنجي هٿن سان ماڻهن کي قتل ڪرڻ تي نه فخر آهي نه ئي شرمندگي. جنگ جي حالت ۾ مرندڙ ماڻهو شطرنج جا مهرا سمجهي ڪيرايا. انس حقاني موجب مرندڙ ماڻهو افغاني هئا جن جا گھر وارا حال حيات آهن. مسٽر هيري جن کي قتل ڪيو آهي اهي شطرنج جا مهرا نه پر انسان هئا. حقاني موجب  برطانوي شهزادو هيري جنگي ڏوهه جو ذميوار آهي، وڌيڪ چيو ته عالمي فوجداري عدالت ۾ اميد ناهي ته اها ان ڳالهه تي نوٽس وٺندي يا انساني حقن جا علمبردار ان اقرار تي مذمت ڪندا ڇاڪاڻ ته اهي هنن جي معاملن ۾ انڌا ۽ ٻوڙا آهن پر اُميد آهي ته هنن جا ظلم انسانن تي ظلم جي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيا ويندا.