اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي، جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، سي پيڪ تحت اربين ڊالرن جي ترقياتي منصوبن ۾سرمائيڪاري  جي پاڪستان سان دوستي جو چٽو ثبوت آهي، هن چيو ته چيني ڪمپنيون حڪومت جي سولرائيزيشن منصوبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن، وزيراعظم شهباز شريف سان چيني ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف چيني ڪمپنين جي پن بجلي منصوبن ۾ ڪم کي ساراهيندي چيني ڪمپنين کي حڪومت جي سولرائيزيشن منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، وفد وزيراعظم کي ڪمپني جي طرفان سولرائيزيشن جي حوالي سان 600 ميگاواٽ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسي کان آگاهه ڪيو، چيني وفد وزيراعظم کي سيلاب متاثرن جي بحالي لاءِ هڪ لک ڊالر جو امدادي چيڪ به پيش ڪيو، وزيراعظم چيني ڪمپني جي سيلاب متاثرن جي مدد جي جذبي جي ساراهه ڪئي.