احسان ماني ٽن سالن ۾ 3 ڪروڙ، 61 لک خرچ ڪيا: تفصيل جاري

0
389

لاھور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي چيئرمين احسان ماني جي خرچن جا مڪمل تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. پي سي بي موجب احسان ماني ٽن سالن ۾ 3 ڪروڙ، 61 لک، 63 ھزار538 روپيا خرچ ڪيا، جڏھن تہ احسان ماني سڀ کان وڌيڪ رقم رھائش جي مد ۾ خرچ ڪئي

پي سي بي موجب احسان ماني رھائش لاءِ ھڪ ڪروڙ 23 لک 53 ھزار،ل روپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا، جڏھن تہ سندس پرڏيھي دورن تي ھڪ ڪروڙ 5 لک 75 جزقر خرچ آيو، جڏھن تہ سندس ملڪي سفر تي 54 لک 27 ھزار، 678 روپيا خرچ ڄاڻايو ويو آهي. پي سي بي چيئرمين رميز راجا جي سيپٽمبر جي خرچن جا بہ تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، رميز راجا ھڪ لک 50 ھزار روپيا خرچ ڪيا آهن.