رياض: 70 ورهين جي پيرسن اسڪول ۾ داخلا وٺي ڇڏي

0
446
رياض: 70 ورهين جي

رياض (دلچسپ نيوز) 70 ورهين جي پيرسن اسڪول ۾ داخلا وٺي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي شهر صيبا ڪمشنري ۾ صالح مفرح المصغري نالي 70 ورهين جو پيرسن داخلا وٺڻ لاءِ اسڪول پهچي ويو

اسڪول انتظاميا پيرسن جو شناختي ڪارڊ ڏسي حيران ٿي وئي، پيرسن جي عمر 70 سال هجڻ باوجود کيس ٻئين درجي ۾ داخلا ملي وئي. ان موقعي تي پيرسن جو چوڻ هو ته منهنجو مقصد نوڪري يا عهدو وٺڻ نه پر رڳو تعليم مڪمل ڪرڻ آهي. صالح المصغري جو جوش ۽ جذبو ڏسي اسڪول انتظاميا ساراهه ڪئي