شادي لارج واسي سگهڙ ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا، علاج جي اپيل

0
174
شادي لارج واسي سگهڙ

شادي لارج (ن پ ا) شادي لارج واسي سگهڙ بچل احمداڻي بيمار، ڪراچي جناح اسپتال ۾ داخل، وارثن پاران علاج ڪرائڻ جي اپيل، رپورٽ موجب سنڌ جي لاڙ پٽي سان تعلق رکندڙ سگهڙ بچل احمداڻي جي ڪجهه ڏينهن اڳ طبيعت خراب ٿيڻ سبب کي جناح اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو آهي

جتي سگهڙ کي ڪينسر جي تصديق ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان سگهڙ جي ڀائٽي فياض احمداڻي ٻڌايو ته اسان غريب آهيون، سگهڙ بچل جي حالت خراب آهي، اسپتال ۾ سندس صحيح علاج نه پيو ٿئي، هن چيو ته ثقافت کاتي به سار ناهي لڌي، هن اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي سگهڙ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.