احتياط جي معاملي ۾ اسان ڪيترا سنجيده آهيون؟

0
275

“احتياط علاج کان بهتر آهي” هوش سنڀالڻ کان وٺي اڄ تائين اهو جملو ٻُڌندا رهيا آھيون. ناسمجهي واري زماني ۾ اها ڳالھه بلڪل عام رواجي محاوري جيان لڳندي هئي پر جيئن جيئن سمجھه وڌي ته انهي ننڍڙي ڳالھه جي وڏي مفهوم جي باري ۾ ڄاڻ به حاصل ٿي ته ساڳئي وقت ان جي اهميت جي خبر به پئي.
هاڻي ڪورونا وائرس جي تباھه ڪارين کي ڏسندي انهي ننڍڙي جملي جو مفهوم ۽ فلسفو ڏاڍو سگهارو محسوس ٿئي ٿو.
هن عالمي وبا سموري دنيا کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، هر طرف موت جو راڪاس لامارا ڏئي رهيو آهي . لکين ماڻهو هن وائرس جي ڪري موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن ۽ ڪروڙين ماڻهو هن وائرس سان جهيڙي رهيا آهن، انساني تاريخ جو انتهائي خطرناڪ الميو آهي. پاڙيسري ملڪ هندوستان جي حالت ته ڳڻتي جوڳي حد تائين خراب ٿي چڪي آهي، اسان وٽ به ڏينهون ڏينهن ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌي رهيا آهن. 
تازو هڪ تحقيقي رپورٽ پڙهڻ جو اتفاق ٿيو، جنهن مطابق وٽامن ڊي جو انسان جي قوت مدافعت کي بهتر رکڻ ۾ اهم ڪردار آهي، وٽامن ڊي جا هونئن ته ڏيڍ سئو کان وڌيڪ فنڪشنس آهن پر انسان جي قوتِ مدافعت کي بئلينس رکڻ ۾ هن جو انتهائي اهم ڪردار آهي، رپورٽ مطابق اسان وٽ 80 سيڪڙو ماڻهن خاص ڪري عورتن ۾ وٽامن ڊي جي گهٽتائي آهي جنهن ڪري انهن جي قوتِ مدافعت گهٽ آهي ۽ جن ماڻهن ۾ وٽامن ڊي جي گهٽتائي آهي انهن تي ڪرونا وائرس جي حملي جا چانسز وڌيڪ آهن، ايئن سمجهو ته اهڙا ماڻهو ٻين جي ڀيٽ ۾ چار ڀيرا وڌيڪ خطري هيٺ آهن. اهڙن ماڻهن جي وائرس  ۾ مبتلا ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ته انهن جي رڪوري ڏکي ٿي وڃي ٿي ۽ انهن ۾ موت جي شرح 3.4 مان وڌي 13 سيڪڙو ٿي وڃي ٿي. 
رپورٽ ۾ ان ڳالھه تي زور ڏنو ويو هو ته هر ماڻهوءَ کي وٽامن ڊي جي ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي ۽ ان کي بحال رکڻ لاءِ موثر اُپاءُ وٺڻ گهرجن، جيڪي ماڻهو وائرس جو شڪار ناهن انهن کي به پنهنجو وٽامن ڊي بحال رکڻ گهرجي. جيڪڏهن وٽامن ڊي بحال هوندو ته وائرس جي حملي جا چانسز بنھه گهٽ هوندا ۽ جيڪڏهن وائرس جو حملو ٿيو ته ان جي قوتِ مدافعت ايتري سگهاري هوندي جو وائرس ان جو گهڻو نقصان نه ڪري سگهندو ۽ اهڙي ماڻهو جي بحالي به جلد ٿي ويندي. 
وبا جي هن خطرناڪ لهر جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ واري ڪم ۾ ميڊيا جو ڏاڍو ڀرپور ۽ بهتر ڪردار رهيو آهي پر جيڪا افسوسناڪ ڳالھه آهي اها هي آهي ته اڃان تائين ماڻهن جو وڏو تعداد صورتحال جي سنگيني کي سمجهڻ ۽ احتياط ڪرڻ ۾ غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.
ڪورونا وائرس جي هي ٽين لهر وڌيڪ خطرناڪ ان ڪري به آهي جو وائرس جون علامتون چٽيءَ طرح واضح نه ٿيون ٿين، وائرس اوچتو حملو ڪري ٿو ۽ ماڻهو وٺجي وڃي ٿو، ڪافي ڪيسن ۾ اهو به ڏٺو ويو آهي ته ٽن ڏينهن اندر ماڻهو موت جي منهن ۾ هليو وڃي ٿو.ميڊيا هر گهڙي صورتحال جي سنگيني کي بيان ڪندي رهي ٿي پر ٻاهر ماڻهن جي حالت اها آهي ته ماسڪ پائڻ ۽ ٿورڙو احتياط ڪرڻ جي ضرورت به محسوس نه ٿا ڪن.ٿورڙي احتياط سان وڏي نقصان کان بچي سگهجي ٿو پر اسان اها حقيقت سمجهڻ لاءِ تيار ناهيون. جيئن هر معاملي ۾ لاپرواهي عام آهي تيئن هن معاملي ۾ اسين لاپرواهي جو شڪار آهيون. لاپرواهي حقيقت ۾ وائرس کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، اها لاپرواهي ڪيترين ئي قيمتي انساني جانين کي ضايع ڪري چڪي آهي تنهنڪري ضروري آهي ته انهي لاپرواهي ۽ غير ذميواري کان پاسو ڪريون ۽ پنهنجي توڙي پنهنجن پيارن جي زندگين جي باري ۾ سنجيدگي اختيار ڪيون.حڪومت توڙي صحت جي شعبن پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري ذميوار شهري جو ثبوت ڏيڻ تمام ضروري آهي. ذميواري ۽ احتياط اسان کي وڏي نقصان کان بچائي سگهن ٿا.
مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي ۽ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ انتظاميا اپاءُ وٺي رهي آهي ۽ ڪجھه شهرن مان ماڻهن تي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڏنڊ وجهڻ جون خبرون به مليون آهن. انهي صورتحال مان واضح ٿئي ٿو ته اسين ايترا باشعور يا سمجهدار ناهيون جو پنهنجي زندگيءَ کي خطري کان بچائڻ لاءِ ذميوار ٿيون جو انتظاميه کي اهڙا قدم کڻڻ جي ضرورت ئي نه پوي. 
هن خطرناڪ صورتحال مان نڪرڻ لاءِ اسان کي ان حد تائين ذميوار ٿيڻو پوندو جو اسان اُهي سڀئي اُپاءُ پاڻمرادو وٺون جن لاءِ صحت وارا ادارا ۽ حڪومت زور ڀري رهي آهي، ايئن ڪرڻ سان گهٽ کان گهٽ نقصان ٿيندو ۽ اسين هن ڏکي صورتحال مان نڪري سگهنداسين.