سنڌ پرينءَ سان

0
406
امير ديس جو غريب شاعر: نور سانول

ناول، “سنڌ پرينءَ سان” جهوني سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، ڪهاڻيڪار ڀائو در محمد ٻرڙي جو لکيل آهي. هيءُ ناول دنيا جي دونهاٽيل سياست، مارشلائن جي ڪاري دور ۾ جدوجهد ۽ ظلم خلاف مظلوم ليکڪ پاران ناول گهٽ پر مظلوم قومن جي ڪيس جو ڪوئي تاريخ ساز دستاويز وڌيڪ لڳي رهيو آهي، جنهن ۾ ليکڪ ڀائو در محمد ٻرڙي پاران سندس پياري عابده، صوفيا ۽ سندس سهيلين سميت سندس ويجهن سياسي دوستن نثار ۽ سندس وني ۽ سندن ڪٽنب جو ذڪر آهي، سندن سياسي سفر ۾ هڪ اک واري ڊڪٽيٽر جو پڻ ذڪر آهي، جنهن پنهنجي طاقت جو استعمال ڪري چونڊيل سنڌي وزيرِ اعظم ذوالفقار ڀٽو کي بيگناهه ڦاهيءَ تي لٽڪايو هو. هن ناول ۾ انهن سڀني سياسي دڳن ۽ لاهن چاڙهن جو ذڪر ٿيل آهي جيڪي هڪ انقلابيءَ کي درپيش هوندا آهن، اهڙن انقلابينءَ لاءِ هي ناول وڏو لاڀائتو ثابت ٿيندو جنهن ۾ ليکڪ ڀائو در محمد ٻرڙي وڏي ڪاريگريءَ سان ۽ قومي ذميداري سمجهندي انهن مڙني انقلابي ڪتابن جو نه صرف ذڪر ڪيو آهي، پر ڪردارن وچ ۾ هڪ ٻئي سان ڊائلاگ ذريعي گفتگو پڻ ڪرائي آهي ته جيئن پڙهندڙ ڪٿي بوريت جو شڪار نه ٿئي.
ناول ۾ ليکڪ جي سياسي ۽ سماجي سفر ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين انهن حقيقتن ۽ سياسي سماجي واقعن جو ذڪر آهي، جيڪي ليکڪ جي زندگيءَ ۾ پيش آيا.
هن ناول “سنڌ پرينءَ سان” ۾ ليکڪ ڀائو در محمد ٻرڙي عوامي تحريڪ جي اسٽڊي سرڪلس دوران مليل ان عوامي لٽريچر ۽ عوامي تقريرن، گروپ ۾ پڙهيل ڪتابن، تاريخ توڙي فلسفي، قومن جي جاگرافي، پنهنجي زندگيءَ ۾ انهن اهم شخصيتن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سندس زندگيءَ ۾ اتساهه جو سبب بڻيل رهيا. هيءُ ڪو روايتي ڪهاڻين يا ناول جو رڳو ڪتاب ناهي، پر علمِ سياسات، سماجيات ۽ معاشيات توڙي سياسي لاهن چاڙهن جو نهايت عمدو دستاويز آهي جنهن ۾ واقعا ۽ حادثا صرف نالن جي مٽا سٽا سان جيئن جو تيئن پيش ٿيل آهن.
سنڌ جتي ظالمن جي داستانن ۽ ظلمن سان ڀري پئي آهي، اتي دراوڙ ديس جي مها راجا ڏاهر جهڙن وطن دوست حڪمرانن جي لازوال قربانين سان پڻ سرشار آهي، جن ڌرتيءَ جي دنگن ۽ ننگن جي حفاظت لاءِ نه صرف جان جو نذرانو ڏنو پر ساهه ڏئي ماڻهن ۾ هڪ پختو ويساهه پڻ قائم ڪيو.“سنڌ پرينءَ سان” ڪتاب ناول سان گڏ ڀائو درمحمد ٻرڙي جي هڪ سوانح عمري به آهي، جنهن ۾ هُن سنڌ جي انهن ماڳن ۽ مڪانن جي ذڪر کي قومي فرض سمجهي هِن ڪتاب ۾ وقت جي اگھور ننڊ ستل انهن حڪمرانن، نام نهاد قومپرستن جي ضمير کي جهنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سنڌ جي چپي چپي جي ڪا وارثي ٿي سگهي.سنڌ جو مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌي اڪثر ڪري چوندو هو ته “ابا سڄي جنگ جانيءَ ۽ مانيءَ جي ته آهي” چوڻ جو مقصد ته اياز به ساڳي ئي ڳالهه چئي آهي ته “ڍوَ بنا ڍولا، ناهي ساڃهه سُونهن جي” ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ لاءِ کليل اکين سان خواب ڏسندڙ ئي ڌرتيءَ جو اصل وارث ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڀائو در محمد ٻرڙي جو ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ سان انوکو پيارُ نه هجي ها ته يقينن هُو هيءُ ناول “سنڌ پرينءَ سان” جهڙو ناول نه لکي سگهي ها. ڀائو در محمد ٻرڙي صاحب سنڌ پرينءَ سان جهڙو منفرد عنوان ان ڪري به چونڊيو هوندو، جو هُو هِن ڌرتيءَ جي گولي تي، ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪنهن انسان کي غلام ڏسڻ پسند نٿو ڪري، سندس هيءُ پيار ڀريو پورهيو ۽ سجاڳيءَ جو سفر جو مقصد ئي اهو آهي ته هُو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ستل قوم کي جاڳائي، پيري مريدي ۽ شخصي پوئلڳي واري سياست مان کين آزادي ڏياري سگهي. “سنڌ پرينءَ سان” 240 صفحن تي مشتمل ناول جو ڪتاب آهي . هن ڪتاب لاءِ ٻه اکر نامياري اديب ڊاڪٽر احسان دانش لکيا آهن، هِن هڪ هنڌ لکيو آهي ته “زندگيءَ ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به ملندا آهن، جن سان ملڻ بعد احساس ٿيندو آهي ته مان انهن سان ايڏو دير ڇو مليس. هو اڳتي ليکڪ ڀائو در محمد ٻرڙي سان قربت بابت پڻ لکي ٿو ۽ ليکڪ بابت پڙهندڙن کي آگاهي ڏئي ٿو ته“ منهنجو ساڻس پهريون مکاميلو ويهارو سال اڳ قمبر ۾ ٿيو، هن جو مون پهريون تعارف هِڪ متحرڪ ۽ جاکوڙي سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ وارو آهي، بعد ۾ جڏهن هِن جي سماجي ڀلائي واري ڪمن ۽ عِلمي ادبي سرگرمين جو پتو پيو ته هن لاءِ منهنجي دِل ۾ عزت ۽ احترام اڃان به وڌي ويو. اڳتي ڊاڪٽر احسان دانش ڪتاب جي ليکڪ بابت وڌيڪ لکندي پڙهندڙن سان ڀائو دُر محمد ٻرڙي جو وڌيڪ تعارف ڪرائيندي لکيو آهي ته“ سندس سڀ کان اهم ۽ ساراهه جوڳو ڪم قمبر ۾ “ ڀائو دُر محمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري جو قيام آهي” بلڪل ڊاڪٽر احسان دانش جي مٿين ڳالهه سان سهمت ٿيندي اها ڳالهه ضرور ڪبي ته ڀائو دُر محمد ٻرڙي جو نوجوان نسل لاءِ لائبريري جي قيام وارو غير معمولي ڪم پوري علائقي ۾ بي مثل ۽ سندس سڃاڻپ بڻجي ويو، ڪجهه علم دشمنن 27 ڊسمبر تي سندس جوڙايل ڪتابن واري لائبرري کي ساڙي خاڪ ۾ تبديل ڪري پنھنجي ڪوڙين انائن کي تسڪين پهچائي هئي، پر سائين، ڀائو در محمد جي چڪندڙ چاڪن ۽ دکندڙ دردن هن کي ويتر مضبوط ڪري ڇڏيو هو، اڄ ساڳي جڳهه تي ساڳي ئي نالي شاندار لائبريري جوڙيل آهي، جنهن لاءِ ڀائو دُر محمد ٻرڙي سنڌ جي هر ساڃاهه وند کي اپيل ڪئي ۽ لائبريري جي ٻيهر قيام لاءِ ڪتابن جي مدد ورتي.
پنهنجي پاران ۾ ليکڪ ڀائو دُر محمد ٻرڙي پڙهندڙن کي پنهنجي مايوسين ۽ محرومين بابت آگاهه ڪيو آهي، ان سان گڏ مدي خارج نظرين، سياست، سياسي پيري مريدي کان شخصي پوئلڳيءَ جي رازن تان پڻ پردو کنيو آهي. ڀائو در محمد ٻرڙي، جو هي ناول پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ سان پيار جو ڇا ته خوبصورت اظهار آهي. هِن ناول ۾ جيتوڻيڪ ليکڪ پاران نظرياتي حوالي سان هڪ فڪر جي پوئيواري ئي پڙهڻ لاءِ ملندي، ۽ باقي ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن لاءِ تلخ ترين لهجو استعمال ٿيل پڙهڻ لاءِ ملي ٿو، اها هن جي ان فِڪر سان هم آهنگي ئي چئبي. ليکڪ جي سياسي اڳواڻ طور پختگيءَ هن کي سياست جي نت نون رنگن کي پنن تي پرٽڻ جي سگهه عطا ڪئي آهي، جنهن بابت هن ڪتاب جو ليکڪ ڀائو دُر محمد ٻرڙو تڏهن ته لکيو آهي ته “اڪثر پارٽيون ۽ تنظيمون، جمهوري ليڊرن جون ويهاريل سرتيون هونديون آهن، اڳتي هلي نڪاح ٻڌيون گهرواريون ٿي وينديون آهن.” هن اڳتي اهو به لکيو آهي ته “انهن پارٽين جي پيداوار سندن گهرن جي ذاتي ملڪيت هوندي آهي، هاڻي ته اڃان ڪم وڌي ويو آهي، اڪثر هتي تنظيمن جا ليڊر مرشد، سندن گهرُ درگاههَ، مرڪزي عهديدار سندن ذاتي خليفا، ڪارڪن ۽ مريد آهن. جيڪو حڪم مرشد جو يا سندس درگاهه جو، اهو اکين تي، ان کان انڪاري دوزخ ويندو يا خارجُ ڪيو ويندو. اهوئي سماج جو الميو آهي، اسانجي سماج کي وڏيرپ ۽ سڳورپ اڏوهيءَ جيان اندران ئي اندران کائي کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي.