آڊيو ليڪس: وفاقي ڪابينا عمران خان خلاف قانوني ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
262
آڊيو ليڪس: وفاقي ڪابينا عمران خان

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا آڊيو ليڪس واري معاملي تي عمران خان خلاف قانوني ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي، آڊيو ليڪس بابت جوڙيل ڪابينا ڪميٽي گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ عمران خان خلاف قانوني ڪارروائي جي سفارش ڪئي هئي

وفاقي ڪابينا سمري جي صورت ۾ پيش ڪيل سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا عمران خان دور جي ٻن وزيرن ۽ اڳوڻي سيڪريٽري اعظم خان خلاف ڪارروائي جي به منظوري ڏني آهي

وفاقي ڪابينا جي فيصلي تحت سائيفر بابت آڊيو ليڪس جي ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائي ويندي

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضمانت منظور

وزيراعظم هائوس جي لينڊ لائين محفوظ هوندي آهي، پر اُها هيڪ ٿي وئي، آڊيو ليڪس معاملو ڳڻتي وارو آهي، دشمن ملڪ تائين ڇا نه پهتو هوندو؟