لاهور (م ڊ) حڪومت سفارتي سائفر آڊيو ليڪ بعد عمران خلاف غداري ڪيس تي غور شروع ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير رانا ثناءُ الله  ۽ اسحاق ڊار چيو آهي ته هي ناقابل معافي سازش آهي، عمران کي منطقي انجام تي نه پهچايو ته آئين سان غداري هوندي، معاملي تي حتمي فيصلو پارليامينٽ ڪندي، مريم نواز جو چوڻ آهي ته عمران آئين ٽوڙڻ باوجود آزاد گهمي رهيو آهي، سازش جي آڙ ۾ فوج تي تنقيد ڪئي، ملڪي نظام تي حيران آهيان، کيس جيل ۾ هجڻ گهرجي ها،  ٽرمپ جي گهر تي ڇاپا هڻي دستاويز هٿ ڪيا ويا، بني گالا تي به ڇاپو هڻي سائفر هٿ ڪيو وڃي. نواز ليگ سائفر معاملي تي جارحاڻي پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب لنڊن مان اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پارٽي کي سائفر تي سخت ۽ جارحاڻو ردعمل اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، نواز ليگ ذريعن موجب پارٽي قائد نواز شريف هدايت ڪئي آهي ته نواز ليگ سائفر جي معاملي تي عدالت کي آگاهه ڪري ته رياست خلاف تمام وڏي سازش ٿي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي عمران خان جي ڪوڙي بيانيي جا پول پڌرا ڪيا وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف هدايت ڪئي آهي ته حڪومتي ۽ پارٽي سطح تي سائفر جي معاملي تي واضح موقف اختيار ڪيو وڃي ته پاڪستان کي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، نواز ليگ قائد جي اهڙي هدايت بعد مريم نواز ناڻي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير رانا ثناءُ الله سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي. نواز ليگ نائب صدر مريم نواز چيو ته ٽرمپ جي گهر تي ڇاپو هڻي ڳجها دستاويز هٿ ڪيا ويا، بني گالا تي ڇاپو هڻي سائفر برآمد ڪيو وڃي، جيترا دفعا آڊيو ٻڌندئو، توهان کي خبر پوندي ته ملڪ سان ڪيڏي وڏي راند کيڏي وئي، آئون ان شخص کي پنهنجي گهر جي ٻاهرين دَر کان به اندر اچڻ نه ڏيان، نواز ليگ جون ڪيتريون به آڊيوز سامهون اچن، انهن ۾ ملڪ خلاف ڪا ڳالهه نه هوندي، نواز ليگ پاڪستان جي سلامتي تي ڪڏهن سوديبازي نه ڪندي. هن چيو ته عمران خان هن صديءَ جو سڀ کان وڏو ڪوڙو آهي، سازش جو ماسٽر مائينڊ،فارن فنڊڊ فتنو عمران خان آهي، اها رڳو سازش ناهي، اها ٽيمپرنگ ٿي آهي، هن سوچيو ته ٽرانسڪرپٽ جي ماڻهن کي ڪهڙي خبر، سازش ڪري ڇڏيو، توهان پاڪستان جي ڳجهن دستاويزن سان جعلسازي ڪئي. مريم نواز الزام لڳايو ته سائفر جي ڪاپي وزيراعظم هائوس مان غائب آهي، عمران خان وزيراعظم هائوس مان ويندي ويندي منرل واٽر جون 2 هزار بوتلون به کڻي ويو، بني گالا تي ڇاپو هڻي سائفر برآمد ڪيو وڃي. وزيراعظم مون کي ٻڌايو ته ڪو به ملڪ پاڪستان کي خط لکڻ لاءِ تيار ناهي، ٻيا ملڪ پاڪستان سان ڳالهائڻ کان ڊڄن ٿا، آڊيوز هن فتني خلاف فرد جرم آهي، هي شخص پاڪستان ۾ فتنو پيدا ڪري ٻاهران ڊالرز وٺندو رهيو، پاڪستان دشمنن عمران خان جي کيسي ۾ ڪروڙين رپيا وڌا، سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڏسو، عمران خان ويندي ويندي آئين ٽوڙيو، پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدالت مان توهان خلاف فيصلو آيو ته توهان آئين ٽوڙيو. نواز ليگ جي نائب صدر چيو ته شيطاني ذهن هٿان پاڪستان جي قوم 4 سال يرغمال بڻيل آهي، اسان خوشي سان آءِ ايم ايف سان ڊيل نه ڪري رهيا آهيون، هي عمران خان ڊيل ڪئي هئي، عمران خان چوي ٿو ته آمريڪا جو نالو ناهي کڻڻو، پوءِ وري پاڻ نالو کڻي ورتو، عمران خان جنهن غلطي تي پڪڙجي پوندو آهي، ان تي معافي وٺندو آهي، عمران خان جي آڊيوز سان حيرانگي نه ٿي، عمران خان جي مٿي تي غداري جو ليبل لڳو، اڄ تائين اهڙو ليبل ڪنهن وزيراعظم تي نه لڳو، مريم نواز چيو ته عمران آئين ٽوري به آزاد گهمي پيو، توشا خانا مان گهڙيون چورائي به آزاد گهمي رهيو آهي، پرڏيهي فنڊنگ مان پارٽي هلائي به آزاد گهمي پيو، آئون هن ملڪ جي سسٽم مان حيران آهيان، پنهنجي حڪومت کان به شڪايت آهي، مريم نواز عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته آئون اهو نٿي چوان ته عمران خان تي هيرون جو ڪيس داخل ڪيو، جنهن شخص کي لوهين شيخن پويان هجڻ گهرجي، اهو آرمي چيف جي مقرري تي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هي ٿيندو ڪير آهي؟ جنهن سان مشورو به ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪو ٻه ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻيو، ڇا ان جي سيني ۾ راز نه آهن؟ نواز شريف 5 ارب ڊالرن جي آڇ ٿڏي ڇڏي، ان کي چوندا آهن ايبسلوٽلي ناٽ، ٽرمپ جي گهر ڇاپو هڻي ڳجها دستاويز هٿ ڪيا ويا، ائين ئي سائفر جي برآمدگي لاءِ بني گالا تي ڇاپو هڻڻ گهرجي، راند راند اوهان ملڪ سان کيڏيو، هي ملڪ آهي، اسٽيڊيم ناهي، اوهان ملڪ جا سفارتي لاڳاپا خراب ڪيا. مريم نواز جو چوڻ هو ته سازش جي آڙ ۾ اوهان ميرجعفر، مير صادق ۽ جانور جا لقب ڏنا، جيڪا سازش ٿي ئي نه ان جي آڙ ۾ شهيدن کي نشانو بڻايو، اوهان هيليڪاپٽر حادثي جي شهيدن خلاف سازش ڪئي، مير جعفر به تون آهي، مير صادق به تون آهي، جانور به تون آهين، قانون جا هٿ جنهن غدار جي ڳچيءَ تائين پهچڻ گهرجن ها، اهي نه پهتا، جنهن تي مونکي پنهنجي حڪومت کان به شڪايت آهي، آئون اهو نٿي چوان ته مٿس ايفي ڊرين جو ڪيس ٺاهيو، هن پاڪستان خلاف سازش لاءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪئي. مريم نواز چيو ته آڊيو ليڪس ۾ عمران خان ۽ سندس ڪوچ ملوث آهي،  جيڪو ڏکڻ پنجاب ۾ ويٺل آهي، عمران خان کي ڏکڻ پنجاب ۾ ويٺل شخص جو لاڏلو ٿي سگهي ٿو، اسانجو لاڏلو ناهي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله مريم نواز جي شڪايت تي چيو ته مريم نواز جيڪا شڪايت ڪئي آهي، اعتراض اٿاريو آهي، اهو درست ۽ جائز آهي پر هي نواز ليگ جي حڪومت ناهي، اتحادين جي حڪومت آهي، 25 مئي جي واقعي بعد منهنجي درخواست هئي ته ڪابينا ان بابت فيصلو ڪري، منهنجو موقف هو ته هٿياربند جٿي پاران حملو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، ڪابينا منهنجي درخواست تي فيصلو ڪرڻ بدران سب ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، هي ايترو بزدل آهي، جنهن ڏينهن عمران خان جي گرفتاريءَ جو فيصلو ٿيو هو پشاور ڀڄي ويو هو، ضمانت وٺڻ تائين واپس نه آيو. رانا ثناءُ الله چيو ته ڪاميٽي جي جاچ کانپوءِ عمران خان پنهنجي انجام تي پهچندو، اميد آهي ته پارليامينٽ هن خلاف آرٽيڪل 6 جو ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي. گهرو وزير نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پارليامينٽ ۾ بحث ٿيندو، هي غداري، آئين يا قانون جي ڀڃڪڙي، جيڪو ڏوهه ٺهندو، ان تي متفق هونداسين، هي ناقابل معافي ڏوهه آهي.آڊيو ليڪس تي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، ان تي سنجيده نوٽيس ورتو ويو آهي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف ڪيس ختم ناهي ڪيو، رڳو دهشتگردي جا قلم ختم ڪيا آهن،  جڏهن ته وفاقي وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس دوران تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي آڊيو ليڪ ٻڌرائي ڇڏي. اسحاق ڊار چيو ته ان سائفر ذريعي سازش جو سهارو ورتو ۽ پنهنجي اسٽوري ٺاهي، هيل تائين جيڪي آڊيو ليڪ ٿيون آهن، انهن سان سازش وائکي ٿي وئي. هن چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جو ذميوار عمران خان آهي، ان جي ايجنڊا ئي پاڪستان کي ختم ڪرڻ آهي، معاشي طور تي ته هن ملڪ کي ختم ڪري ڇڏيو. ناڻي جي وزير چيو ته چئن سالن جو گند چئن مهينن ۾ صاف نٿو ٿي سگهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته اڳ ۾ جيڪا تباهي ٿي رهي آهي ان کي روڪيون، شهباز شريف ۽ سندس ٽيم رات ڏينهن محنت ڪئي آهي. هن  چيو ته سفارتي سائفر معاملي کي منطقي انجام تي نه پهچائڻ آئين سان غداري هوندي، سائفر جي ڪاپي غائب آهي، اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته ان سائفر عمران خان کي ڏنو هو، جيڪي منٽس ٺاهيا ويا، اهي موجود آهن پر سائفر جي ڪاپي موجود نه آهي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جو ذميوار عمران خان آهي، هن جي ايجنڊا ئي پاڪستان کي ختم ڪرڻ آهي، معاشي طور تي هن ختم ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت تائين جيڪي آڊيو ليڪس آيو آهن، ان ۾ اها سازش کُلي سامهون آئي آهي.