وزيراعظم هائوس جي لينڊ لائين محفوظ هوندي آهي، پر اُها هيڪ ٿي وئي، آڊيو ليڪس معاملو ڳڻتي وارو آهي، دشمن ملڪ تائين ڇا نه پهتو هوندو؟

0
260
اليڪشن ڪميشن عمران خان

وزيراعظم هائوس جي لينڊ لائين محفوظ هوندي آهي، پر اُها هيڪ ٿي وئي، آڊيو ليڪس معاملو ڳڻتي وارو آهي، دشمن ملڪ تائين ڇا نه پهتو هوندو؟

آڊيو ليڪ سڀ کان وڏو سيڪيورٽي بريچ آهي، مون کي صحيح خبر ناهي ته اُن پٺيان ڪير آهي، عمران خان جي نجي ٽي وي چئنل کي خصوصي انٽرويو دوران ڳالهه ٻولهه، عمران خان چيو ته آهي ته آئون گرفتاري لاءِ تيار آهيان، پنهنجي ٽيم کي چيو اٿم ته حڪمران ڪنهن به بهاني سان گرفتار ڪري سگهن ٿا

اسان آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نه پئي چاهيو، گڏوگڏ اهو به ٻڌائڻ چاهيو پئي ته توهان جي اهلڪار کي همت ڪيئن ٿي؟ اسان سائيفر عام نٿا ڪري سگهون، ڇاڪاڻ جو اها پرڏيهي کاتي جي رازداري هوندي آهي، سائيفر جون ڪاپيز مختلف آفيسز ۾ اُماڻيون هيون، جلسي ۾ آئون سائيفر چوان ها ته ماڻهن کي سمجهه ۾ نه اچي ها، کين سمجهائڻ لاءِ خط جو لفظ استعمال ڪيو

ھي به پڙھندا

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري

تقرير دوران عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ جوڪو به ارادو نه هو: عمران خان حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو