واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سينيٽ گن سيفٽي بل منظور ڪري ورتو آهي، هٿيارن جي روڪٿام جي حوالي سان ٽن ڏهاڪن ۾ هن وقت تائين هي سڀ کان اهم قانونسازي آهي، آمريڪي ميڊيا موجب گن سيفٽي بل آمريڪي سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، بل جي حمايت ۾ 65 ۽ مخالفت ۾ 33 ووٽ پيا، 15 ريپبلڪن سينيٽرز به بل جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو، هي بل ڪانگريس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد صدر بائيڊن جي صحيح سان هي قانون بڻجي ويندو، هي بل ان وقت منظور ڪيو ويو آهي جڏهن آمريڪا ۾ تازن فائرنگ جي واقعن ۾ 31 شهري مارجي چڪا آهن، سينيٽ مان بل منظور ٿيڻ بعد صدر بائيڊن ڪانگريس تي زور ڀريو آهي ته ان بل تي ووٽنگ کي اولين ترجيح ڏني وڃي.